سجاول ۾ بار ايسوسيئيشن طرفان پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج

وفاقي سرڪار اڳئي جيڪا مھنگائي ڪئي آهي جنھن سبب عوام پريشان آهي: وڪيل اڳواڻ

سجاول ۾ بار ايسوسيئيشن طرفان پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج

سجاول )گلشيرميربحر( بار ايسوسيئيشن سجاول طرفان بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊوڪيٽ قادر خاصخيلي.جنرل سيڪريٽري سيد علي عمران شاھ بخاري.سابق بار ايسوسيئيشن جي صدر سجاد خواجه.نصير احمد ملاح.اختر سرور . ممتاز شاھ .۽ ٻين جي اڳواڻي م تيل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سجاول ڪورٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن وڪلاء برادري جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار اڳئي جيڪا مھنگائي ڪئي آهي جنھن سبب عوام پريشان آهي اوچتو وري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام تي ظلم جو پھاڙ ڪرايو ويو آهي جيڪا ناانصافي نہ پر سرڪار وڏو ظلم ڪيو آهي جنھن تي اسان عوام سان ھن ظلم تي گڏ آھيون عوام دوست سول سوسائٽي ھن مھنگائي خلاف احتجاج ڪيا ويا آهن وڪيل برادري پڻ چپ ڪري نه ويھندي حڪومتي ظالمانه سلوڪ ڪيو آھي جنھن جي مزمت جيتري ڪجي گھٽ ھوندي اسان مزاحمت ڪنداسين ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ وڪيل برادري وفاقي سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي