English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
28هين ترميم ۾ سنڌ جي وحدت تي حملو ٿيو ته نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
147 views
|
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
روڊ ۽ نالي ٺاھڻ تي سردارن، وڏيرن، ايم پي پي، ايم اين اي، سينيٽر، وزيرن، ڪامورن جي واکاڻ نه ڪيو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ 28 هين ترميم ۾ سنڌ جي وحدت تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو. ارڙهن سال سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪندڙن پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت کان پڇاڻو ڪريو، روڊ جو ٽڪرو ۽ نالي ٺاھڻ تي سردارن، وڏيرن، ايم پي پي، ايم اين اي، سينيٽر، وزيرن، ڪامورن، صلاحڪارن ۽ چيئرمينن جي واکاڻ نہ ڪريو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڀلي اڪيلا ھجو ھلندا ھلو، دير ٿي وئي ھجي ھلندا ھلو، پويان رھجي ويا ھجو ھلندا ھلو. پيا ھلو، زندگيءَ جو مقصد ئي ھلندو رھڻ آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ سڀني لاءِ قانون برابر هئڻ گهرجي، وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سردارن، وڏيرن لاء هڪڙو قانون ۽ غريب عوام لاء ٻيو قانون هجي اهو ٻٽو معيار ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني ناھي. وزير، ايم پي ايز، اين اين ايز ۽ حڪومتي وڏيرا، سردار، جاگيردار پنھنجون رياستون ٺاھي ويٺل آھن. پنھنجي پسند جا ايس ايس پيز ۽ ٻيا آفيسر مقرر ڪري انھن کان پنھنجا ناجائز ڪم وٺن ٿا. مخالفن خلاف انتقامي ڪاروايون ڪن ٿا. زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضن، منشيات ۽ ٻين ڏوھارين جي سرپرستي ڪن ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا شي ڪونهي سمجهو تہ سرداري نظام آهي هڪڙي قبيلي جو سربراھ ويٺو آهي زرداري صاحب پنهنجي مرضي جي حڪومت ويٺو هلائي سنڌ جو عوام پاڻ سڀ ان جي رعيت آهيون، سردار جي مرضي آهي وڻيس زمينون کڻي ڇڏي، وڻيس ماڻهن کي مارائي ڇڏي، وڻيس تہ مخالفن تي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي، وڻيس تہ سنڌ جي ماڻهن کي لڏائي ڳوٺ خالي ڪرائي ڇڏي، وڻيس تہ ڪينال ٺاهي ڇڏي، انهي سردار زرداري جي مرضي آهي جيڪڏهن چئي تہ آئون سپاهي بہ ڪون هٽائيندس منهنجي مرضي آهي، سنڌ جي ماڻهن کي زرداري ۽ پيپلزپارٽي پنھنجو غلام سمجهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري سمجهي ٿو تہ جنهن مون وٽ ايم پي اي، ايم اين اي، وزيرن ۽ سردار، وڏيرا يرغمال آهن سنڌ ۾ جمهوريت جو صرف نالو آهي ۽ جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي. ماڻھو پوليس وٽ وڃڻ کان خوف کائين ٿا. پوليس رشوت کانسواءِ ڪنھن غريب متاثر جي ڳالھ نٿي ٻڌي. طاقتور ماڻھو ۽ پئسي وارا ماڻھو پوليس کي استعمال ڪن ٿا. خريد ڪن ٿا ۽ مخالفن خلاف ڪجھ ھزارن ۾ ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي انھن جي زندگي جھنم بنائي ڇڏين ٿا. اھڙي انسان دشمن نظام کي رد ڪريون ٿا. سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب میں مرحوم محمد ناصر استاد کی یاد میں تعزیتی ریفرنس منعقد
14th May 2026
•
سندھ
سید تراب شاہ کی بیگم سلمیٰ احمد کی وفات پر تعزیت
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
14th May 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب میں مرحوم محمد ناصر استاد کی یاد میں تعزیتی ریفرنس منعقد
14th May 2026
•
سندھ
سید تراب شاہ کی بیگم سلمیٰ احمد کی وفات پر تعزیت
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے