English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاهي ڪوهستان ۾ هيوي ٽريفڪ جو آزار، علائقي واسي سخت پريشان
226 views
|
30th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( ڊ ر) ڳوٺاڻن روڊن تي هيوي مشينري جو راج جنگشاهي ڪوهستان 7/4 جي ڳوٺاڻن روڊ تي جنهن ۾ اسحاق کوھ ڀاڏ مڪان ساڏورو طرف ويندڙ مختلف رستن تي هيوي مشينري ڍيره ڄمائي ورتا جنهن ڪري حادثن ۾ ڏينهنون ڏينهن اضافو ڏسڻ وٽان ملي ٿو تازو هي بلاڪن سان ڀريل هڪ ٽرڪ ڪلٽي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو۔ ذريعن موجب ٽرڪ گهارو مان بلاڪ کڻي جنگشاهي کان لڳ ڀڳ پنج ڪلوميٽر پري اسحاق ڪوه ڏانهن وڃي رهي هئي ته اوچتو حادثي جو شڪار ٿي وئي۔ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته حادثو روڊن جي انتهائي خراب حالت سبب پيش آيو۔ ڳوٺاڻن موجب جنگشاهي ۽ ڪوهستان علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بنيادي ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري روڊ مڪمل طور زبون حالي جو شڪار آهن، جڏهن ته انهن روڊن تي هيوي ٽرئفڪ جي مسلسل آمد رفت جاري آهي، جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن۔ آسپاس جي رهواسين وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ روڊن سميت ٻين بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي، جنهن ڪري سندن زندگيون خطري ۾ پيل آهن۔ هنن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن جلد قدم نه کنيا ويا ته اهڙا حادثا وڌيڪ جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهن ٿا۔ ڳوٺاڻن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جنگشاهي ۽ ڪوهستان جي علائقن ۾ روڊن جي مرمت سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن عوام ۾ وڌندڙ بيچيني ختم ٿي سگهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جنگشاهي ڪوهستان ۾ هيوي ٽريفڪ جو آزار
0 تبصرے