عورت سجاڳ فورم پاران عمرڪوٽ ۾ عورتن سان ڪچھري رکي وئي

ڪچهري ۾ مختلف پاڙن جي عورتن جي شرڪت، عام زندگي ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت غور ويچار

عورت سجاڳ فورم پاران عمرڪوٽ ۾ عورتن سان ڪچھري رکي وئي

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)عورت سجاڳ فورم پاران عمرڪوٽ ۾ عورتن سان ڪچھري رکي وئي، جنھن ۾ مختلف پاڙن جي عورتن شرڪت ڪري نه صرف عام زندگي ۾ کين پيش ايندڙ مسئلن تي ڳالھايو، بلڪي عورتن جي خودمختياري ۽پاڻڀرائپ لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون.ان موقعي تي عورت سجاڳ فورم جي ڪنوينر خالده منير، ڊپٽي ڪنوينر نسرين قمبراڻي ۽ مير چند سھجاڻي ڳالھائيندي عورتن جي شعوري تربيت ۽ معاشي پاڻڀرائپ لاءِ زور ڀريو ۽ ٻڌايو ته عورت سجاڳ فورم پاران مستقل بنيادن تي عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ عورتن سان ڪچھريون منعقد ڪري، عورتن جي سجاڳي ۽ شعوري تربيت لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون. ان موقعي تي ڳوٺاڻن عورتن پڻ پنھنجا ويچار ونڊيا، کين جيڪي مشڪلاتون آھن انھن جي باري ۾ ڳالھايو پنھنجا مسئلا ٻڌايا۔ڪچھري ۾ ڳوٺاڻين عورتن ڀرپور شرڪت ڪئي ان موقعي پنھنجي ٻولي ۾ نج سنڌي ڳيچ پڻ ڳايا۔