شاهنواز ڳوٺ پپري ۾ ڪتاب جديد سامراجيت ۽ ٿرڊ آپشن جي مهورتي تقريب

شاهنواز ڳوٺ پپري ۾ ڪتاب جديد سامراجيت ۽ ٿرڊ آپشن جي مهورتي تقريب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سينيئر سٽيزن رائيٽس اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن طرفان نالي واري دانشور، ليکڪ ڊاڪٽر فيض محمد جوڻيجو جي لکيل ڪتاب جديد سامراجيت ۽ ٿرڊ آپشن جي مهورتي تقريب شاهنواز ڳوٺ پپري ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ ادبي شخصيتن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت علائقي جي معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ ڊاڪٽر فيض جوڻيجو، محمد عرس کيڙو، سنڌي ادبي سنگت ملير شاخ جي نائب صدر لال محمد پهنور، صحافي سامي ميمڻ، سينيئر سٽيزن تنظيم جي اڳواڻ شفيع محمد هڪڙو،امتياز دانش، صدام عباسي،صفدر ڀٽي، سميت ٻين مهمانن ڪتاب جي مهورت ڪئي شرڪت ڪئي ان موقعي تي مقررن ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر فيض جوڻيجو جي علمي ۽ تحقيقي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته "جديد سامراجيت ۽ ٿرڊ آپشن" موجوده عالمي سياسي حالتن، معاشي دٻاءُ ۽ ترقي پذير ملڪن کي درپيش چئلينجن تي هڪ اهم تحقيقي دستاويز آهي۔ هنن چيو ته ڪتاب ۾ جديد سامراجي قوتن جي پاليسين ۽ انهن جي اثرن تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي، جيڪا پڙهندڙن کي نون خيالن ۽ بحثن ڏانهن راغب ڪري ٿي۔ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فيض محمد جوڻيجو چيو ته جديد دور ۾ سامراجيت جا طريقا تبديل ٿي ويا آهن، هاڻي فوجي قبضي بدران معاشي، سياسي ۽ ثقافتي اثرن ذريعي ڪمزور ملڪن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ هن چيو ته ترقي پذير ملڪن کي پنهنجي وسيلن، ثقافت ۽ سياسي خودمختياري جي تحفظ لاءِ "ٿرڊ آپشن" تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي سياسي شعور، علم ۽ تحقيق سان پاڻ کي ليس ڪرڻو پوندو، ڇو ته باخبر سماج ئي سامراجي دٻاءُ جو مقابلو ڪري سگهي ٿو۔ تقريب جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ڊاڪٽر فيض محمد جوڻيجو کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ڪتاب کي علمي حلقن لاءِ اهم اضافو قرار ڏنو۔