سڱاوتي تڪرار تان مڙس گل محمد کي قتل ڪيو ويو: صدوري ميراثي
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ مصر جي واء جي رهواسي عورت مسمات صدوري پنهنجي پٽ شوڪت علي ميراثي سان پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته سڱاوتي تڪرار تان منهنجي مڙس گل محمد ميراثي کي ڇھ مهينا اڳ جوابدارن صدام، گدا حسين ، شاهنواز، فدا حسين ۽ مولابخش، ولي محمدميراثي وارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو جن مان پوليس ٻن جوابدارن صدام ۽ گدا حسين کي گرفتار ڪيو آهي باقي مک جوابدار مولابخش، ولي محمد کي مورو پوليس گرفتار نه پئي ڪري هن چيو جوابدارن منهنجي مڙس کي قتل ڪيو ۽ ٻن پٽن کي سخت زخمي ڪيو جيڪي معذور ٿي ويا آهن قتل به منهنجي مڙس کي ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار موت مار ڌمڪيون به اسان کي ڏئي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن جيل ۾ قيد جوابدار صدام حسين پاران پڻ ڌمڪيون پيون موڪليون وڃن ته ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ مڙس وانگر مونکي به قتل ڪيو ويندو هن مطالبو ڪيو ته سڀني قاتلن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي
0 تبصرے