جيلاني ھائوس راڻيپور ۾ پ پ جي ٽنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي، ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ
ھڱورجا(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر، پير آف ھڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاھ لڪياري، پ پ پ اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي، پير آف راڻيپور پير سيد فضل علي شاھ جيلاني جي جيلاني ھائوس راڻيپور ۾ اھم ملاقات ٿي ملاقات نهايت خوشگوار، باوقار ۽ مثبت ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران ملڪ ۽ علائقي جي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ اڳواڻن گڏيل مشاورت ذريعي پارٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، تنظيمي ڍانچي کي فعال ڪرڻ ۽ ڪارڪنن سان ويجهو رابطو قائم رکڻ تي زور ڏنو۔ان موقعي تي عوامي ڀلائي لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو۔ اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته عوامي مسئلن جي حل ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي۔پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ويو ته پارٽي جي اصل طاقت ان جا وفادار ۽ نظرياتي ڪارڪن آهن، ۽ انهن جي محنت سان پارٽي وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي۔اڳواڻن پارٽي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ کي درپيش چيلينجن مان ڪڍي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪندي۔ هنن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيو ويندو۔ملاقات جي پڄاڻي تي ملڪي استحڪام، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي خدمت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو۔
0 تبصرے