ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)مڪلي ۾ تخليق فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ سنڌ حڪومت جي معلومات جي حق رسائي واري ايڪٽ 2016 بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ معلوماتي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافين، وڪيلن ، ڊاڪٽرن ، تعليمي ماھرن ، سماجي اڳواڻن، استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي تخليق فائونڊيشن جي سي اي او محمد يعقوب ، صحافي اسماعيل ميمڻ ، خدا بخش بھراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته معلومات تائين رسائي هر شهري جو بنيادي حق آهي، جنهن ذريعي سرڪاري ادارن ۾ شفافيت، احتساب ۽ سٺي حڪمراني کي هٿي ملي ٿي. هنن چيو ته معلومات جي حق رسائي واري ايڪٽ 2016 تحت هر شهري کي قانون موجب سرڪاري ادارن کان گهربل معلومات حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جنهن سان عوامي معاملن ۾ اعتماد وڌندو.ھنن وڌيڪ چيو ته عام ماڻهن، خاص طور تي صحافين ۽ سماجي تنظيمن کي گهرجي ته هو هن قانون بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري ان مان فائدو وٺن، جيئن سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ شفافيت آڻي سگهجي سيمينار جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن سوال جواب جي سيشن ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي، جڏهن ته تخليق فائونڊيشن پاران آگاهي مهم کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو .
0 تبصرے