English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قائد آباد ۾ ڪوسٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2موٽر سائيڪل سوار فوت
241 views
|
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائد آباد جي علائقي ايبٽ ڪمپني لڳ تيز رفتار ڪوسٽر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن سبب ٻه ڄڻا موقع تي ئي فوت ٿي ويا ريسڪيو ذريعن موجب، حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن موٽر سائيڪل سوار پنهنجي رستي تان گذري رهيا هئا ته اوچتو هڪ بي قابو ڪوستر کين زوردار ٽڪر هنيو۔ ٽڪر ايترو شديد هئو جو ٻنهي ڄڻن ٿڏي تي ئي دم ڏنو اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ فوت ٿيلن جا لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيا ويا۔ پوليس موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ لعل ولد ارمڪا عمر 25 سال ۽ گوپي ولد سيتل عمر 27 سال طور ٿي آهي۔ شروعاتي ڄاڻ موجب ٻئي محنتي مزدور هئا ۽ پنهنجي ڪم لاءِ وڃي رهيا هئا۔حادثي بعد ڪوسٽر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔ علائقي واسين هن افسوسناڪ حادثي تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ سان گڏ لاپرواهه ڊرائيورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قائد آباد ۾ ڪوسٽر جو موٽر سائيڪل
0 تبصرے