ملير سڪڻ ٿاڻي سامهون پوليس خلاف علائقي واسين جو عورتن سميت ڌرڻو

جبار منگي، نور جٽ، رانا وحيد ۽ ٻيا ڳورهاري عورت تي تشدد بعد محبوب جويو کي کنڀي کڻي ويا : الزام

ملير سڪڻ ٿاڻي سامهون پوليس خلاف علائقي واسين جو عورتن سميت ڌرڻو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سڪڻ ٿاڻي سامهون علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي جنهن ۾ انهن الزام لڳايو ته سڪڻ ٿاڻي جا سادا لباس اهلڪار بنا جواز انهن جي گهر ۾ داخل ٿي ڳورهاري عورت تي تشدد ڪيو.پوليس اهلڪار پاران بلاجواز ڪارروائي ڪئي روڊ نمبر 8 فٽبال گرائونڊ جي ويجهو رهندڙن جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار جبار منگي، نور جٽ، رانا وحيد ۽ ٻين اهلڪارن گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي حاملہ عورت تي تشدد ڪيو ۽ نوجوان محبوب جوئو کي بلاجواز گرفتار ڪري ورتو. نوجوان جي آزادي لاءِ پوليس 2 لک رپيا گهريا ۽ رقم نه ڏيڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هنن شفاف انڪوائري ۽ قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو مظاهرو ڪندڙن ايس ايس پي ملير، ڊي آءِ جي ايسٽ، ايڊشنل آءِ جي ۽ آءِ جي سنڌ کان اپيل ڪئي آهي ته واقعي جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.