English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس
221 views
|
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عذير ميمڻ ۽ ٻيا به شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ريڊينس ميٽنگ براءِ نيشنل اميونائيزيشن ڊيز (NID) فيبروري 2026 جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس عمرڪوٽ جي ميٽنگ هال ۾ منعقد ٿيو.اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پتھورو غلام علي طارق، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ڊي ايم پي پي ايچ آءِ عمرڪوٽ شرف الدين ميمڻ، اي ڊي ايچ او ڊاڪٽر لڇمن داس، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول عمرڪوٽ، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاھ شنڪر، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ايم ايس ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد، اي پي آءِ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر، پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، پوليو ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو، ٽي او ايجوڪيشن عمرڪوٽ رانو مل، ڊاڪٽر مونيڪا ڪماري، روٽري ڪلب جي فوڪل پرسن زمان کوسو، پوليو جا ڊسٽرڪٽ مانيٽرز ڊاڪٽر انوڌر مهيشوري، رضا سميجو، سماجي تنظيم سي ڊبليو ايس اي جي پروجيڪٽ مينيجر ميڊم ڪرن بشير، ضلعي جي مختلف لاڳاپيل کاتن جا آفيسر، سماجي تنظيمن ۽ پوليو پروگرام سان وابسته نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ضلعي عمرڪوٽ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري قدمن، گذريل مهمن جي ڪارڪردگي، ايندڙ پوليو مهم جي انتظامن، سيڪيورٽي پلان، مائيڪرو پلاننگ، ٽيمون ٺاهڻ ۽ عوامي آگاهي مهمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار ڊپٽي ڪمشنر کي پوليو مهم بابت بريفنگ ڏني ۽ ايندڙ NID فيبروري مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ سڀني کاتن وچ ۾ گڏيل رابطو ۽ ٽيم ورڪ انتهائي ضروري آهي. هن هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ هر سطح تي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي. ھن والدين کان به اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن ايندڙ نسل کي هن موذي مرض کان محفوظ بڻائي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي پوليو مهم دوران نمايان ۽ مثالي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرن، سپروائزرز، فيلڊ اسٽاف ۽ اطلاعات کاتي عمرڪوٽ جي اسٽاف محبت سومرو ۽ مينهل ڀٽي کي ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ڊپٽي ڪمشنر محنتي ورڪرن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پوليو جي خاتمي ۾ فرنٽ لائن ورڪرن جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ سندن همت افزائي سان ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو گڏيل سهڪار سان ايندڙ پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ته جيئن ضلعي عمرڪوٽ کي پوليو فري بڻائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي. بعد ۾ هن ڊي ايچ او آفيس عمرڪوٽ ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري فيبروري رائونڊ جي پوليو مهم جو افتتاح ڪيو ۽ ڊي ايچ او آفيس کان ڇڙ روڊ تائين وڏي واڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے