سگا پاران ھائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، پ پ اڳواڻ سيد محرم علي شاهه، منظور اڄڻ ۽ ٻيا شريڪ
ھڱورجا(رپورٽر)سگا برانچ ھڱورجا پاران شاعر اديب سگا جي ميمبر ۽ گسٽا جي اڳوڻي مرڪزي صدر سائين الھرکيو خاصخيلي جي ياد ۾ ھايرسيڪنڊري اسڪول جي ھال ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو تعزيتي ميڙاڪي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد محرم علي شاھ. سگا جو مرڪزي اڳواڻ منظور اڄڻ ڪراچي جي يوسي صفوران جي چيئرمين بشيراحمد خاصخيلي. اڳوڻي ڊي اي او تعليم خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو. تعليمي ماھر نثار احمد ميمڻ .سمبوا جي اڳواڻ ڊاڪٽر قربان علي سھتو.ھنڱورجا ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر نورالدين شيخ.پروفيسر محمد امين مغل سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ ڄام محبت سھتو.پروفيسر استاد امداد سومرو.گسٽا اڳواڻ استاد عبدالمقيم ميمڻ.سگا جي غلام جعفر ٽانوري.مور سنڌي.سومر خاصخيلي . صحافي اتحاد خيرپور جي چيئرمين غلام حسين چانگ استاد بشير احمد سھتو. عبدالحميد شيخ.شمن علي راڄپر.حاڪم سھتو.عبدالجبار چانگ سميت سياسي سماجي ادبي معزز شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي تعزيتي ميڙاڪي کي مقرري خطاب ڪندي چيو آھي سائين الھرکيو خاصخيلي گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھيو جنھن پنھنجي سموري حياتي انسان زات جي خدمت ۾ گزاري ڇڏي ان جي وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال صدين تائين ڀرجي نہ سگھبو.استاد الھرکيو خاصخيلي جو علم ادب ۽ سماج اندر ڪيل خدمتون کي ڪڏنھن بہ وساري نہ ٿو سگھجي سائين الھرکيو خاصخيلي سماج جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي مھارت رکندو ھو سدائين مسڪين ماڻھن جو مددگار رھيو . استاد الھرکيو خاصخيلي اسان کان جسماني طور جدا ٿيو آھي روحاني طور اسان سان گڏ آھي.
0 تبصرے