English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس
243 views
|
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مائڪرو پلان کي بهتر بڻايو وڃي ۽ انڪار ڪندڙن کي هر صورت ۾ شامل ڪيو وڃي: سرمد علي ڀاڳت
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت ضلعي ۾ شروع ٿيندڙ پوليو مهم کي موثر ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ صحت کاتي سميت ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان دربار هال مڪلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته مائڪرو پلان کي بهتر بڻايو وڃي ۽ انڪار ڪندڙن کي هر صورت ۾ شامل ڪيو وڃي. هن زور ڏنو ته هر ٻار کي پنهنجو ٻار سمجهي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريا وڃن، پوليو مهم هڪ قومي فرض آهي ۽ ان ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پي پي ايڇ آءِ ۽ استاد مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجن علائقن ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقاتون ڪن ته جيئن مهم دوران ڪو مسئلو پيدا نه ٿئي. پوليو ورڪرز مهم دوران پيش ايندڙ مسئلا بيان ڪيا، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر يقين ڏياريو ته مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ ڪم نه ڪندڙ ورڪرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سخت نگراني ذريعي اميد آهي ته 100 سيڪڙو نتيجا حاصل ٿيندا ۽ ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهندو. هن چيو ته هو پاڻ به مهم جي نگراني ڪندو. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاہ، ضلعي جي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، تپيدارن، پوليو فوڪل پرسنز، سوسل ويلفيئر، تعليم، مرف، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سميت يو سي ايم اوز، يو سي سيڪريٽريز ۽ خانگي اسڪول ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت
پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس
0 تبصرے