English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس
6 views
|
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مائڪرو پلان کي بهتر بڻايو وڃي ۽ انڪار ڪندڙن کي هر صورت ۾ شامل ڪيو وڃي: سرمد علي ڀاڳت
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت ضلعي ۾ شروع ٿيندڙ پوليو مهم کي موثر ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ صحت کاتي سميت ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان دربار هال مڪلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته مائڪرو پلان کي بهتر بڻايو وڃي ۽ انڪار ڪندڙن کي هر صورت ۾ شامل ڪيو وڃي. هن زور ڏنو ته هر ٻار کي پنهنجو ٻار سمجهي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريا وڃن، پوليو مهم هڪ قومي فرض آهي ۽ ان ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پي پي ايڇ آءِ ۽ استاد مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجن علائقن ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقاتون ڪن ته جيئن مهم دوران ڪو مسئلو پيدا نه ٿئي. پوليو ورڪرز مهم دوران پيش ايندڙ مسئلا بيان ڪيا، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر يقين ڏياريو ته مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ ڪم نه ڪندڙ ورڪرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سخت نگراني ذريعي اميد آهي ته 100 سيڪڙو نتيجا حاصل ٿيندا ۽ ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهندو. هن چيو ته هو پاڻ به مهم جي نگراني ڪندو. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاہ، ضلعي جي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، تپيدارن، پوليو فوڪل پرسنز، سوسل ويلفيئر، تعليم، مرف، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سميت يو سي ايم اوز، يو سي سيڪريٽريز ۽ خانگي اسڪول ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jan 2026
•
Jobs
بيروزگارن جي لاءِ سنهرو موقعو، سنڌ حڪومت جي مختلف ادارن ۾ نوڪريون ئي نوڪريون
29th Jan 2026
•
Jobs
سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ انيڪ نوڪريون
29th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سونے کی قیمتوں میں مسلسل اضافہ
28th Jan 2026
•
سندھ
کراچی سندھ کا دل اور روح ہے، اس کے تحفظ کے لیے سندھی عوام لڑیں گے: ایاز لطیف پلیجو
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي انتظاميا غريب پورهيتن جو معاشي قتل عام ڪري رهي آهي: سعيده گوپانگ
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان مشھور ڍولڪ نواز فقير ڦوٽو جي سهائتا
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪوئيٽا: نوڪنڊي جي قبائلين پاران ريڪوڊڪ مائيننگ ڪميونٽي پروگرام تي بي اعتمادي جو اظهار
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي: راجوير سنگھ سوڍو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت
پوليو مهم جي حوالي سان اجلاس
0 تبصرے