ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران سرڪاري تعليمي ادارن ۽ آفيسن جو دورو

ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر علي شاهه ، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم سميت ٻيا آفيسر به گڏ هئا

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران سرڪاري تعليمي ادارن ۽ آفيسن جو دورو

ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت اڄ صبح ساڍي نائين وڳي لمس ڪيمپس جو دورو ڪيو، جتي هن ڪيمپس ۾ موجود مختلف شعبن جو تفصيلي جائزو ورتو . ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاهه ، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم سميت ٻيا آفيسر ۽ فيڪلٽي ميمبر پڻ موجود هئا. فيڪلٽي ميمبرن ڊپٽي ڪمشنر کي اداري جي مجموعي ڪارڪردگي ، تعليمي ۽ انتظامي معاملن ۽ درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت چيو ته لمس جهڙا تعليمي ادارا علائقي ۾ معياري تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، حڪومت انهن ادارن کي وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. هن هدايت ڪئي ته تعليمي معيار ۽ انتظامي نظم و ضبط کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ته جيئن شاگردن ۽ عملي کي بهتر ماحول ميسر اچي. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر گھوڙاٻاري ۾ واقع اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۽ مختيارڪار آفيس جو به دورو ڪيو، جتي هن آفيسن جي رڪارڊ جي جانچ پڙتال ڪئي ۽ عوامي سهولتن جي فراهمي واري نظام جو معائنو ڪيو . ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر فراز احمد عباسي سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا . هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري معاملن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام جا مسئلا وقت سر حل ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پنهنجا فرض ايمانداري ۽ ذميواري سان نڀايا وڃن ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ٽائون ڪميٽي گھوڙاٻاري جو به دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. هن ٽائون ڪميٽي عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ صفائي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ شهرين کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي وڃي . ان کان علاوه ڊپٽي ڪمشنر زير تعمير تعلقه اسپتال گھوڙاٻاري جو به دورو ڪيو ، جتي هن تعميراتي ڪم جي رفتار ۽ معيار جو معائنو ڪيو . ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن کيس منصوبي جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته اسپتال جي تعمير مقرر وقت اندر مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن علائقي جي عوام کي بهتر صحت جون سهولتون ميسر اچي سگهن . هن چيو ته ضلعي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي پاڻ نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن عوام کي انهن جا فائدا جلد از جلد ملي سگهن . ڊپٽي ڪمشنر اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر جو به دورو ڪيو ۽ اتي مهيا ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. هن چيو ته خاص ٻارن جي تعليم ۽ تربيت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اهڙن ادارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي . ان موقعي تي چيئرمين ٽائون ڪميٽي گھوڙاٻاري محمد رمضان پنهوار سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا۔