ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي

ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ NPVE/CPVE پاليسي 2024 جي مؤثر عملدرآمد ۽ اهم ڪارڪردگي اشاريَن (KPIs) بابت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجِي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊي ايس پي سامارو ڌڻي بخش مري، ضلع عمرڪوٽ جي سڀني پريس ڪلبن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، غلام محمد ڪنڀر، رسول بخش رحيمداني، اعجاز مغل، پرٿوي سوڍو، انور ميمڻ، ڏاتر سينهڙو، علي محمد شيدي، لو ڪمار شرما، جيوت ڀيل، مهيش ڪمار مالهي، راڻو مل، رضوان عطاري، ڪيبل آپريٽرز، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن، اين جي اوز جي نمائندن غلام مصطفىٰ کوسو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، سماجي اڳواڻن، ڪالم نگارن، علمائن اڪرام غلام قادر جمالي، غلام مصطفىٰ صابري، نظر محمد درس سميت لاڳاپيل ادارن سي ٽي ڊي، آءِ بي، اسپيشل برانچ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس جو مقصد ضلعي سطح تي انتهاپسندي جي خاتمي، امن ۽ رواداري جي فروغ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ معاشرتي شعور جي اُجاگر ڪرڻ لاءِ ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي ڪردار کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ هو، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار معاشري ۾ مثبت سوچ، برداشت ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، هن چيو ته NPVE/CVE پاليسي تي عملدرآمد لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن نوجوان نسل کي منفي رجحانن کان محفوظ رکي سگهجي، هن سڀني پريس ڪلبن جي عهديدارن، ڪيبل آپريٽرز ۽ اين جي اوز تي زور ڏنو ته هو امن، رواداري، ڀائيچاري ۽ قومي يڪجهتي جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪن ۽ غير تصديق ٿيل ۽ نفرت انگيز مواد کان پاسو ڪن، ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ نمائندن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ ضلعي انتظاميه سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل ۾ آگاهي سيشنز، سيمينارز ۽ گڏيل مهمن وسيلي عوام ۾ شعور بيدار ڪيو ويندو ۽ پيغامِ پاڪستان بابت آگاهي مهم هلائي ويندي، آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني نمائندن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ڪوششن سان ضلع عمرڪوٽ ۾ امن ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.