English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو
444 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ NPVE/CPVE پاليسي 2024 جي مؤثر عملدرآمد ۽ اهم ڪارڪردگي اشاريَن (KPIs) بابت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجِي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊي ايس پي سامارو ڌڻي بخش مري، ضلع عمرڪوٽ جي سڀني پريس ڪلبن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، غلام محمد ڪنڀر، رسول بخش رحيمداني، اعجاز مغل، پرٿوي سوڍو، انور ميمڻ، ڏاتر سينهڙو، علي محمد شيدي، لو ڪمار شرما، جيوت ڀيل، مهيش ڪمار مالهي، راڻو مل، رضوان عطاري، ڪيبل آپريٽرز، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن، اين جي اوز جي نمائندن غلام مصطفىٰ کوسو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، سماجي اڳواڻن، ڪالم نگارن، علمائن اڪرام غلام قادر جمالي، غلام مصطفىٰ صابري، نظر محمد درس سميت لاڳاپيل ادارن سي ٽي ڊي، آءِ بي، اسپيشل برانچ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس جو مقصد ضلعي سطح تي انتهاپسندي جي خاتمي، امن ۽ رواداري جي فروغ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ معاشرتي شعور جي اُجاگر ڪرڻ لاءِ ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي ڪردار کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ هو، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار معاشري ۾ مثبت سوچ، برداشت ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، هن چيو ته NPVE/CVE پاليسي تي عملدرآمد لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن نوجوان نسل کي منفي رجحانن کان محفوظ رکي سگهجي، هن سڀني پريس ڪلبن جي عهديدارن، ڪيبل آپريٽرز ۽ اين جي اوز تي زور ڏنو ته هو امن، رواداري، ڀائيچاري ۽ قومي يڪجهتي جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪن ۽ غير تصديق ٿيل ۽ نفرت انگيز مواد کان پاسو ڪن، ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ نمائندن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ ضلعي انتظاميه سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل ۾ آگاهي سيشنز، سيمينارز ۽ گڏيل مهمن وسيلي عوام ۾ شعور بيدار ڪيو ويندو ۽ پيغامِ پاڪستان بابت آگاهي مهم هلائي ويندي، آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني نمائندن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ڪوششن سان ضلع عمرڪوٽ ۾ امن ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے