نوشهروفيروز ۾ ڀرياسٽي واسي معذور شخص جو ڀاڻيجي سميت احتجاج

نوشهروفيروز ۾ ڀرياسٽي واسي معذور شخص جو ڀاڻيجي سميت احتجاج

نوشهروفيروز(ڊر)نوشهروفيروز ۾ ڀرياسٽي جي ڳوٺ عثمان ابڙو جي رهواسي معذور ڳوٺاڻي غلام مصطفي ابڙو پنهنجي ڀاڻج شاڪر علي سان گڏ پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ويڳا ڀائر اباڻي ملڪيت مان حصي ۾ آيل زمين تي قبضو ڪيو ويٺا آهن جيڪي زمين تي اچڻ به نه ٿا ڏين عدالت سڳوري جي حڪم کي به مڃڻ لاءِ تيار ناهن جيڪا وڏي زيادتي آهي آهي هن چيو ته 2016 ۾ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت سڳوري ۾ ڪيس داخل ڪيو هو جنهن اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ پوليس توڙي روينيو عملدارن کي پابند بڻايو ته منهنجي حصي ۾ آيل زمين جيڪا ديهه راڄو ڪيريو ۾ آهي قبضو ڇڏائي ڏنو وڃي پر ٽي مهينا گذرڻ باوجود به عملدار عدالت جي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن هن وڌيڪ چيو ته مختيارڪار ڀريا شفيع سومرو پئسا ٿو گهري جيڪو عدالتي حڪم کي به مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ويڳا ڀائر شفيع محمد، نفيس احمد، جنيد ۽ شڪيل وارا حصي ۾ آيل 18 ايڪڙ ساڍا ست ويسا ڏيڻ بجاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن غريب معذور آهيان زمين ڏياري انصاف ڪيو وڃي