نوشهروفيروز پريس ڪلب جي عهديدارن جي ڦل پريس ڪلب جي صدر ۽ ٻين کي مبارڪون

نوشهروفيروز پريس ڪلب جو صدر محمد يونس راڄپر ۽ جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي ماجد پريس ڪلب ڦل پهتا

نوشهروفيروز پريس ڪلب جي عهديدارن جي ڦل پريس ڪلب جي صدر ۽ ٻين کي مبارڪون

نوشھرو فیروز(ڊ ر)پريس ڪلب نوشهروفيروز جو صدر محمد يونس راڄپرجنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي ماجد پريس ڪلب پھچي,سال 2026 جي چونڊيل عهديدارن صدر محمد خالد ميمڻ,جنرل سيڪريٽري مجيب الرحمان وڳڻ,حافظ غلام نبي رند,خادم حسين سومرو,وفا ولي محمد ڦل,مشتاق احمد بروهي,شاهد ملڪ, عقيل وفا ڦل کي گلاب جي گلن جا هار ۽ مالهائون پارائي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر يونس راڄپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو منشور اهو آهي ته پروفيشنل صحافي ڀلي ڪهڙي به صحافي تنظيم سان واسطو هجيس يان ڪهڙي به شهر جي پريس ڪلب جو هجي ان سان اگر ڪنهن به زيادتي يان ناجائزي ڪئي ته اسان ان خلاف سخت کان سخت ايڪشن کڻي پنهنجي قلم جو پورهيو ڪندڙ قلم ڌڻي جي حفاظت ڪنداسين جڏهن ته ماجد پريس ڪلب ڦل جي صدر محمد خالد ميمڻ ,پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر يونس راڄپر ۽ علي نواز سولنگي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ماجد پريس ڪلب ڦل جا قلم ڌڻي اوهان سان هر موقعي تي ساٿ ۾ ساٿ نڀائيندا