حضرت عبدالله شاه اصحابي جي 387 هين عرس مبارڪ جون تياريون جاري

سيد رياض حسين شاه شيرازي جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اهم اجلاس پڻ ٿي گذريو

حضرت عبدالله شاه اصحابي جي 387 هين عرس مبارڪ جون تياريون جاري

ٺٽو؛( شفيق ڀٽي)صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي مشهور اوليا۽ ڪرام حضرت عبدالله شاه اصحابي جي سالانه 387 هون ٽي روزه عرس مبارڪ جي تيارين جي سلسلي درگاه تي حاضري ڏيڻ کان ٽي روزه عرس مبارڪ جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ ضلعي انتظاميه ٺٽو سان صوبائي وزير اوقاف ۽ عشر و زڪوات مذهبي امور سيد رياض حسين شاه شيرازي جي زير نگراني ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٺٽو ۾ اهم اجلاس جو انعقاد ڪيو ويو اجلاس ۾ سڪيورٽي انتظامن ۽ زائرين لا۽ سهولتن فراهمي کي يقيني بنائڻ لا۽ جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ ايڊ منسٽريٽر اوقاف مختيارعلي ابڙو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمدعلي ڀاڳت ايس ايس پي ٺٽو فاروق بجاراڻي چئيرمين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ادا محمد ميمڻ ڊي ايڇ او ٺٽو سيد صفدرعلي شاه سيد غيور عباس شاه ايڊ منسٽريٽر اوقاف شاهنواز درس توڙي سياسي سماجي ۽ صحافي وڏي انگ ۾ موجود هئا اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي ضلعي انتظاميه ٺٽو کي پابند ڪيو ته حضرت عبدالله شاه اصحابي جي سالانه ٽي روزه عرس مبارڪ جي دوران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن جڏهن ته درگاه جي عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي هر طرح جي سهولتن جي فراهمي کي يقين بڻايو وڃي هر طرح جا وسيلا ڪتب آندا وڃن ته جئين عرس مبارڪ جي دوران ڪنهن کي پريشان کي مونهن نه ڏيڻو پوي صوبائي وزير اوقاف چيو ته صفائي سٿرائي جي انتظامن جا اڳواٽ بندوست ڪيو وڃي جڏهن