سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي

فلڪ ٻٽ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي، آزاد جروار آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي

ڏوڪري(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي نوجوان اديب فلڪ ٻٽ جي صدارت هيٺ منعقد ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ شاعر آزاد جروار پنهنجو هڪ آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جنهن تي شرڪت ڪندڙن وچ ۾ سنجيده ۽ فڪري ادبي بحث ٿيو.نظم تي تنقيدي راءِ ڏيندي شاخ جي سيڪريٽري ياسر منگي، ڪامريڊ حيدر جويو، ادل سولنگي، ظهير بسمل، قربان جتوئي ۽ ٻين چيو ته آزاد نظم ۾ خيال جي آزادي اهم آهي، پر ان سان گڏ فني سجاڳي به لازمي حيثيت رکي ٿي. هنن چيو ته نظم جي موضوع ۾ داخلي سچائي موجود آهي، پر ڪٿي ڪٿي علامتن جي اڻ پوري وضاحت سبب پڙهندڙ سان فاصلو پيدا ٿئي ٿو.ڳالهائيندڙن موجب نظم جي ٻولي مجموعي طور سادي ۽ اثرائتي آهي، پر ڪجهه سٽن ۾ وڌيڪ ڪَٽ ڪُٽ ۽ ترڪيب جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، ته جيئن اظهار وڌيڪ سگهارو ٿي سگهي. هنن واضح ڪيو ته آزاد نظم ۾ غزل وانگر وزن جي سخت پابندي نه هوندي آهي، پر پوءِ به وزن، فڪري تسلسل ۽ داخلي لهر جو خيال رکڻ ضروري آهي.گڏجاڻيءَ ۾ آزاد جروار جي تخليقي سگهه کي تسليم ڪندي کيس صلاح ڏني وئي ته هو فني پختگي تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ۽ تخليقي تجربن کي شعوري فني سنوار سان اڳتي وڌائي.