ٺٽي جي مشهور درگاهه شاهه مراد شاهه شيرازي جي غسل ۽ عرس جون تياريون جاري

ٺٽي جي مشهور درگاهه شاهه مراد شاهه شيرازي جي غسل ۽ عرس جون تياريون جاري

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي جي مشهور درگاهه حضرت مرشدي و سيدي قطب الاقطاب حضرت سيد محمد حسين شاهه المعروف شاهه مراد شاهه شيرازي جي 553 هين سالياني غسل ۽ 553 هين سالياني عرس مبارڪ جون تياريون زور شور سان جاري آهن.ان حوالي سان درگاهه جي خدمتگار سيد الطاف حسين شاهه شيرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاهه شريف جو 553 هون ساليانو غسل مبارڪ پهرين فيبروري 2026ع، شعبان 12، آچر ڏينهن، سومر جي رات ٻارهين وڳي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ادا ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته هر سال وانگر هن سال به غسل ۽ عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاهه شريف تي رنگ روغن ۽ سينگار جو ڪم وڏي پيماني تي جاري آهي.سيد الطاف حسين شاهه شيرازي ٻڌايو ته درگاهه جو 553 هون ساليانو عرس مبارڪ 2 فيبروري 2026ع، شعبان 13، سومر ڏينهن، اڱاري جي رات منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ ٺٽو سميت سڄي سنڌ مان ايندڙ عقيدتمند ۽ زائرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا.درگاهه جي خدمتگار وڌيڪ چيو ته سالياني غسل ۽ عرس مبارڪ جي موقعي تي زائرين جي سهولت ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويندا، ته جيئن ڪا به بدنظمي پيدا نه ٿئي. هن ٺٽي ۽ سنڌ جي سمورن ماڻهن کي درگاهه شاهه مراد شاهه شيرازي جي 553 هين سالياني غسل ۽ عرس مبارڪ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.