اهو وقت جلد ايندو جڏهن مڪمل تياري ۽ طاقت سان ميدان ۾ لهنداسين: جونيئر ذوالفقار

فاطمه ڀٽو، غنوا ڀٽو ۽ مان سميت اسان جي سموري فيملي هڪ آهي ۽ اسان ۾ ڪي به اختلاف ناهن: جونيئر ذوالفقار

اهو وقت جلد ايندو جڏهن مڪمل تياري ۽ طاقت سان ميدان ۾ لهنداسين: جونيئر ذوالفقار

سجاول (گلشيرميربحر ) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سجاول پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي بنيادي ڪارڪن ۽ اڳواڻ مرحوم يونس ڀان جي چوٿين ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔تقريب کي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته اسان جي جدوجهد غريب، مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ آهي، جيڪا هر حال ۾ جاري رهندي. هن چيو ته فاطمه ڀٽو، غنوا ڀٽو ۽ مان سميت اسان جي سموري فيملي هڪ آهي ۽ اسان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو اختلاف ناهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ گل پلازا واقعي سميت باهه لڳڻ ۽ عمارتن جي ڪرڻ جا جيڪي به واقعا پيش آيا آهن،اهي سڀ سنڌ حڪومت جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته موجوده حالتن ۾ ملڪ اندر سياسي متبادل جو فقدان آهي، پر انشاءَالله اهو وقت جلد ايندو جڏهن هو مڪمل تياري ۽ طاقت سان عملي ميدان ۾ لهندا.هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت فلسطين جي مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسرائيل خلاف اسلامي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي۔