باقراڻي (رپورٽر) باقراڻي تعلقي جي يوسي پراڻو آباد جي ڳوٺ مهوال خان بابلاڻي جتوئي جو اسڪول هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، ڳوٺ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائڻ لاءِ روز اسڪول اچڻ بعد استاد نه هئڻ ڪري ڪلاس ۾ ويهي ويهي واپس وڃڻ تي مجبور آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺ مهوال خان بابلاڻي جتوئي جي ڳوٺاڻن ۽ اسڪولي ٻارڙن پاران غلام سرور جتوئي، شڪيل احمد جتوئي، ابراهيم جتوئي، يامين جتوئي، ٻارڙن معظم علي، علي حيدر جتوئي، جنت بي بي، دعا، تبسم،بتول ،معراج، الله ڏنو جتوئي ۽ ٻين اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ گذريل ٻن مهينن کان استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج دوران معصوم ٻارڙن هٿن ۾ ڪتاب کڻي تعليم کاتي جي عملدارن خلاف نعرا هنيا، جڏهن ته والدين، ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن سخت احتجاج ڪندي تعليمي نظام جي بدحالي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسڪول ۾ گذريل ٻن مهينن کان ڪو به استاد مقرر ناهي، جنهن سبب پڙهائي جو سلسلو سخت طرح متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسڪول ۾ نه فرنيچر موجود آهي، نه پيئڻ جو پاڻي ۽ نه ئي سرڪاري سطح تي ڪتاب ڏنا ويا آهن جنهن ڪري ٻارڙن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هو ٽي اي او پرائمري باقراڻي محمد پناهه سيال، ڊي اي او لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي سميت لاڳاپيل عملدارن کي بار بار آگاهه ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته اهڙي شڪايت لکت ۾ ڪافي ڀيرا تعليم کاتي جي اختيارين پڻ ڏني آهي پر هن وقت تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي،هنن چيو ته سرڪاري اسڪول هجڻ باوجود بنيادي سهولتن جي اڻهوند انتظاميه جي نااهلي جو ثبوت آهي، مظاهرين تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيا وڃن، فرنيچر، صاف پاڻي سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهجي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن استادن جي مقرري سميت ٻيا مطالبا جلد پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے