عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر نيلم ڪماري ڪنري، سامارو، بودر فارم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جو دورو ڪري مختلف فوتگين تي متاثر خاندانن سان تعزيتون ڪيون خبر موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اقليتي ايم اين اي نيلم ڪماري ڪنري، سامارو، بودرفارم، گپنو جي مختلف ڳوٺن ۽ علائقن ۾ وڃي مرحومن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن ڏک ۾ شرڪت ڪئي وڪيل جو ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر گلجي سيبرا جي فوتگي تي سندس ڀاءُ پنھون مل سان تعزيت ڪئي سماجي اڳواڻ نول راء جي والد موھن لال جي وڇوڙي تي تڏي تي پُھچي ڏک ونڊيو ڳوٺ گلو ميگھواڙ ۾ ڏيارام جي گھري واري جي لاڏاڻي تي جڏھن ته پريم ڪمار جي پٽ جي بي وقتائتي وڇوڙي تي تعزيت ڪئي ۽ سروڻ گوئيل ۽ ماستر ڀيمون مل سان سروڻ جي والد چترو مل جي ديھانت تي تڏي تي پُھچي ڏک ونڊيو ۽ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک ۽ غم جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي هن چيو ته انساني همدردي ۽ هڪ ٻئي جي ڏک ۾ ڀائيواري اسان جي سماجي ۽ اخلاقي ذميواري آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ايم اين اي نيلم ڪماري چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) هميشه عوام جي خوشي ۽ غم ۾ ساڻن گڏ رهي آهي ۽ مشڪل وقت ۾ ماڻهن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي هن مقامي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته هو به متاثر خاندانن سان رابطو برقرار رکن ۽ کين هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو وڃي ان موقعي تي مقامي اڳواڻن، علائقي جي معزز شخصيتن ۽ پارٽي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪئي سماجي حلقن پاران ايم اين اي جي دوري کي ساراهيندي چيو ويو ته عوامي نمائندن جو اهڙي طرح ماڻهن سان رابطو رکڻ سان ڀروسي جو ماحول پيدا ٿئي ٿو علائقي واسين اميد ظاهر ڪئي ته ايم اين اي نيلم ڪماري ميگهواڙ مستقبل ۾ پڻ عوامي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻندي ۽ ڏک جي گهڙيءَ ۾ ماڻهن جو ساٿ نڀائيندي جڏھن ته بعد ۾ ايم اين اي نيلم ڪماري مسلم ليگ نواز جي صوبائي اڳواڻ مير امان الله ٽالپر طرفان سندس ڳوٺ مورجھنگو ۾ رکيل چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي
0 تبصرے