شڪارپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيارڪارن پاران مختلف بازارن جا دورا

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي ھدايتن تي عام واهپي جي شين جا اگهه معلوم ڪيا ويا

شڪارپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيارڪارن پاران مختلف بازارن جا دورا

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي ھدايتن تي عام واهپي جي شين جا اگهه معلوم ڪيا ويا شڪارپور (احسان ابڙو)ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي ھدايتن تي ضلعي شڪارپور ۾ رمضان شريف ۾ مقرر ڪيل اگهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سڀني تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيارڪارن پاران مختلف بازارن، سبزي منڊي، گوشت فروش ڪندڙ دڪانن جا اوچتو دورا ڪيا ويا تعلقي ٽيمن طرفان روزمرھ ۾ استعمال ايندڙ کاڌي پيتي جي شين جا اگھ معلوم ڪيا ويا ۽ وڌيڪ منافعو وٺندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪندي جرمانو پڻ عائد ڪيو ويو آهي.ان سان گڏوگڏ سڀني تعلقن جي مختلف مارڪيٽن ۾ شڪايت مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جتي وڌيڪ منافعو وٺندڙن خلاف شڪايت ڪري سگهجي ٿي ضلعي انتظاميه جو چوڻ ھيو تہ شھر واسين کي جيڪڏهن ڪنهن به دڪان تي سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھن تحت سامان نه ملي ته ان شڪايت مرڪز يا پنهنجي تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿا.