ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد پاران فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو دورو

چيئرپرسن فاطمه مجيد، وائيس چيئرمين سليم ديدڪ، ڊائريڪٽرز ۽ جنرل منيجر اياز سومرو ڊپٽي ميئر جو استقبال ڪيو

ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد پاران فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو دورو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبداللہ مراد فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو دورو ڪيو، جتي هن سوسائٽي ۾ نصب ڪيل سولر سسٽم جو باقاعده افتتاح ڪيو۔ ان موقعي تي چيئرپرسن فاطمه مجيد، وائيس چيئرمين سليم ديدڪ، ڊائريڪٽرز ۽ جنرل منيجر اياز علي سومرو ڊپٽي ميئر جو استقبال ڪيو۔ انتظاميا پاران کين سوسائٽي ۾ جاري ترقياتي سرگرمين بابت آگاهي ڏني وئي۔ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ميئر سلمان عبداللہ مراد چيو ته متبادل توانائي جا منصوبا نه صرف توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، پر فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي خرچن ۾ به نمايان گهٽتائي آڻيندا۔ هن سوسائٽي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته شهري سطح تي سولر توانائي جو فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي۔چيئرپرسن فاطمه مجيد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سولر سسٽم لڳائڻ سان سوسائٽي جي دفتري ڪمن ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، جنهن سان مهاڻن کي سڌو فائدو حاصل ٿيندو۔ ان موقعي تي چيئرپرسن فاطمه مجيد پاران ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبداللہ مراد کي سنڌي ثقافتي اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو۔