English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ 7مهينا اڳ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر ڏيرو جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو
213 views
|
18th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
صدام حسين ڏيرو ميڙ منٿ قافلي جي آجيان ڪئي ۽ پنج ڏينهن جي مهلت گهري ورتي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ 7 مهينا پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر ڏيرو جي وارثن وٽ الزام آيل ڌر مظھر گلال ڏيرا برادري وٽ ميڙ منٿ وٺي پهتو،جڏھن ته مرحوم نادر علي ڏيرو جي معاملي تي هلندڙ تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ مظھر گلال جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ڏيرا برادري جي تڏي تي پهتو.ميڙ منٿ قافلو ڏيرا برادري جي اڳواڻن جنهن ۾ صدام حسين ڏيرو، عبدالستار ڏيرو، اعتبار ڏيرو، سيف الله ڏيرو، رضا محمد ڏيرو ۽ وزير ڏيرو وٽ پهتو.ميڙ منٿ قافلو مظھر گلال جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري شھر جي سياسي ۽ سماجي شخصيتون اڳوڻي چيئرمين لياقت علي سومرو، حبيب الله کوکر، حاجي محمد کوکر، آغا جلباڻي، نثار احمد جتوئي ۽ سيد برادري جا معزز ماڻهو پڻ ميڙ منٿ قافلي ۾ شامل هيا.الزام آيل ڌر پنهنجي صفائي پيش ڪئي.جنهن کي ڏيرا برادري جي اڳواڻ صدام حسين ڏيرو ميڙ منٿ قافلي کي عزت ۽ احترام سان آجيان ڪئي ۽ معاملي کي سلجهائڻ لاءِ پنج ڏينهن جي مهلت گهري ورتي.هوڏانهن ميڙ منٿ قافلي ۾ شريڪ شھرين جو چوڻ ھو ته ڏيرا برادري ميڙ کي مان ڏنو ۽ پنج ڏينهن جي مهلت گهري ورتي آھي.هنن چيو ته انشاء الله ڏيرا برادري ۽ ميڙ وٺي آيل ڌر پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وينديون.هنن چيو ته ڏوڪري شھر ۾ رهندڙ ھر شھري امن گهري ٿو جيڪو شھرين جو اصلي بنيادي مطالبو ۽ جيئڻ جو حق آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مارجي ويل نادر ڏيرو جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو
0 تبصرے