نواب يوسف تمام وڏو ليڊر هو سندس وڇوڙي تي پيدا ٿيل خال ڀرجڻ تمام ڏکيو آھي: سينيٽر پونجو مل ڀيل

نواب يوسف تمام وڏو ليڊر هو سندس وڇوڙي تي پيدا ٿيل خال ڀرجڻ تمام ڏکيو آھي: سينيٽر پونجو مل ڀيل

عمرڪوٽ: سينيٽر پونجو مل ڀيل مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي ورسي تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نواب يوسف تمام وڏو ليڊر هو سندس وڇوڙي تي پيدا ٿيل خال ڀرجڻ تمام ڏکيو آھي، هن پاڻي، سنڌي ٻولي، آدمشماري، صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ سميت ٻين مسئلن تي ادا ڪيل رول نمايان هو، اسين اڄ به نواب يوسف جي تاريخي سفر کي ياد ڪريون ٿا يوسف ٽالپر جھڙا ماڻھو تاريخ ۾ ڪڏھن ڪڏھن پيدا ٿيندا آھن. هن چيو ته سنڌ پوليس ۾ اقليتي نوجوانن کي نوڪرين جي مسئلي تي آئي جي سنڌ بريفنگ ڏني ته ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون، ميرٽ جي بنياد تي منارٽي کي نوڪريون نه ڏنيون ته قانوني ڀڃڪڙي ٿيندي، قانون ۽ آئين موجب ئي نوڪريون ڏنيون وينديون.