English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
غير قانوني ڄارن جي استعمال جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي: محمد علي ملڪاڻي
98 views
|
17th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ ماهيگيري صنعت بابت اهم اجلاس ٿي گذريو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)محمد علي ملڪاڻي، صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي صدارت هيٺ ماهيگيري صنعت بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صنعت سان لاڳاپيل سمورن اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. اجلاس وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي خصوصي هدايتن تي طلب ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته غير قانوني ڄارن جي استعمال جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته بولو گجو ڄار نسل ڪشي وارو ڄار آهي، جنهن تي مڪمل پابندي برقرار رهندي. هن واضح ڪيو ته 25 ايم ايم کان گهٽ باريڪ ڄار (جهينگن لاءِ) ۽ 55 ايم ايم کان گهٽ ٻين مڇين جي ڄارن جي به هرگز اجازت نه هوندي. صوبائي وزير اعلان ڪيو ته جيڪي ماهيگير پابندي ٿيل ڄار رضاڪاراڻي طور جمع ڪرائيندا، انهن کي نوان ڄار فراهم ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي آلودگي ۽ مڇي جي افزائش نسل واري سيزن دوران شڪار جي مدي ۾ واڌ يا مڪمل پابندي بابت ٻيهر اجلاس ڪوٺايو ويندو. محمد علي ملڪاڻي چيو ته قانون ۾ وڌيڪ ترميم ڪري آبي حيات جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. هن ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪل A25 جي روشني ۾ ماهيگيري صنعت سان لاڳاپيل سڀني ڌرين جي تجويزن تي اجلاس منعقد ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي ڪريڪس ۾ بولو گجو ڄار تي مڪمل پابندي لاڳو آهي، جڏهن ته صوبي جي سامونڊي حدن ۾ مخصوص اکن واري ڄار جي اجازت آهي. قانوني ترميم جي نفاذ بعد پابندي ٿيل ڄار جي استعمال تي مڪمل پابندي هوندي، جنهن سان آبي حيات جي تحفظ ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير چيو ته ماهيگيري صنعت سان لاڳاپيل سڀني ڌرين کي گڏ کڻي هلنداسين ۽ تجويزون لکت ۾ پيش ڪيون وڃن. اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ فشريز جي پارلياماني سيڪريٽري ۽ ايم پي اي آصف خان ۽ رڪن سنڌ اسيمبلي محمود عالم جاموٽ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز سنڌ ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، چيئرپرسن فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد، چيئرمين فشر فوڪ فورم غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڊائريڪٽر جنرل ميرين فشريز حڪومت پاڪستان ڊاڪٽر منصور وسّاڻ، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ميرين فشريز ڊاڪٽر عاصم حسين، پاڪستان فشريز ايڪسپورٽ ايسوسيئيشن، سنڌ ٽرالر ايسوسيئيشن ۽ ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي جي اعليٰ آفيسرن سميت ٻين نمائندن به شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
محمد علي ملڪاڻي
غير قانوني ڄارن جي استعمال جي هرگز اجازت
0 تبصرے