ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس, هينڊز جي نمائندن ۽ ٻيلي کاتي جي آفيسرن جي شرڪت

سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن جي جاري منصوبن بابت آگاهي ڏني وئي

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس, هينڊز جي نمائندن ۽ ٻيلي کاتي جي آفيسرن جي شرڪت

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳٽ جي صدارت هيٺ اڄ صبح سوير ان سندس آفيس ۾ هينڊز اين جي او جي نمائندن ۽ جنگلات کاتي جي آفيسرن سان هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو . اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن (SPHF) جي پيش رفت ۽ جنگلاتي زمينن تي غير قانوني قبضن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس دوران هينڊز اين جي او جي نمائندن سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن جي جاري منصوبن جي پيش رفت بابت آگاهه ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ مستحق ماڻهن تائين سهولتون پهچائڻ کي ترجيح ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي معياري ۽ محفوظ رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، تنهنڪري سڀني لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ۽ وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪيو وڃي . ان کان پوءِ جنگلات کاتي جي آفيسرن سان ملاقات دوران جنگلاتي زمينن تي غير قانوني قبضن جي مسئلي تي تفصيلي ڳالھ ڪئي وئي . ڊپٽي ڪمشنر واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته جنگلات قومي اثاثا آهن ۽ انهن تي ڪنهن به قسم جي قبضن کي برداشت نه ڪيو ويندو . هن جنگلات جي آفيسرن کي سخت هدايتون ڏنيون ته قبضن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سرڪاري زمينن جو تحفظ هر حالت ۾ يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ماحولياتي تحفظ ، وڻڪاري کي ھٿي ڏيارڻ ۽ جنگلاتي رقبن ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو . ڊپٽي ڪمشنر چيو ته جنگلات جو تحفظ نه رڳو قدرتي ماحول لاءِ ضروري آهي پر ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي ضمانت پڻ آهي. اجلاس جي آخر ۾ اهو طئي ٿيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن جي منصوبن جي پيش رفت جو باقاعده جائزو ورتو ويندو ، جڏهن ته جنگلاتي زمينن تا قبضا ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي ته جيئن سرڪاري زمين کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻايو وڃي.