ڪراچي ۾ شوگر جي حوالي سان آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو

سيمينار ۾ ڊاڪٽر نصيرالدين شاهين، ڊاڪٽر رتنا ديوان، طاهر حسن، حميرا موٽالا ۽ ٻيا شريڪ

ڪراچي ۾ شوگر جي حوالي سان آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪي آءِ ايڇ ڊي ۾ منعقد سيمينار ۾ مشهور شوگر جي ماهر ڊاڪٽر نصيرالدين شاهين خاص خطاب ڪندي چيو ته ذیابیطس جا مريض مناسب طبي مشوري، متوازن غذا، باقاعده شوگر مانيٽرنگ ۽ دوائن جي صحيح استعمال سان آسانيءَ سان روزو رکي سگهن ٿا. هن چيو ته هر مريض جي حالت مختلف هوندي آهي، ان ڪري روزو رکڻ کان اڳ ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ لازمي آهي. ڊاڪٽر نصيرالدين شاهين سحري ۽ افطاري ۾ احتياطي تدبيرون، انسولين ۽ دوائن جي وقت ۾ تبديلي، پاڻيءَ جو مناسب استعمال ۽ بلڊ شوگر ليول جي مسلسل نگراني بابت اهم هدايتون پڻ بيان ڪيون. هن چيو ته احتياط ۽ آگاهي ئي شوگر جي مريضن کي رمضان المبارڪ ۾ صحتمند رکڻ جي ضمانت آهي. تقريب ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر SPDP/DEPD ڊاڪٽر رتنا ديوان، سينيئر صحافي ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (KUJ) جي اڳوڻي صدر طاهر حسن خان، خاتون صحافي ۽ تجزيه نگار حميرا موٽالا سميت ٻين معزز مهمانن خاص طور تي شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر رتنا ديوان خطاب ڪندي چيو ته رمضان جا روزا جسماني صحت لاءِ بيشمار فائدن جا حامل آهن. هن چيو ته روزو انساني جسم جي مختلف نظامن کي متوازن ڪرڻ ۽ فعال بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سائنسي بنيادن تي روزي جي فائدن تي تحقيق ڪئي وڃي ته ان موضوع تي ڪيتريون ئي ڪتابون لکي سگهجن ٿيون. ٻين مقررن قرآن و حديث جي روشني ۾ روزي جي اهميت ۽ مريضن لاءِ شريعت پاران ڏنل آسانيءَ تي روشني وڌي. هنن چيو ته اسلام اعتدال ۽ آسانيءَ جو دين آهي، بيماري جي صورت ۾ رعايت موجود آهي، ان ڪري صحت کي مقدم رکندي ذميواري سان عبادت ادا ڪئي وڃي. سيمينار جي پڄاڻي تي سوال و جواب جي نشست منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شرڪاءَ ماهرن کان تفصيلي رهنمائي حاصل ڪئي. منتظمين موجب اهڙن آگاهي پروگرامن جو مقصد عوام ۾ صحت ۽ ديني شعور کي فروغ ڏيڻ ۽ رمضان المبارڪ ۾ ذميواراڻي طرز عمل جي ترغيب ڏيڻ آهي.