عوامي پريس ڪلب ملير ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر فيض احمد فيض جي سالگره تي ادبي تقريب

عوامي پريس ڪلب ملير ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر فيض احمد فيض جي سالگره تي ادبي تقريب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) انقلابي، مزاحمتي اديب، شاعر ۽ صحافي فيض احمد فيض جي سالگره عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ صحافين، اديبن، شاعرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن فيض احمد فيض جي ادبي ۽ فڪري خدمتن تي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاهه، جنرل سيڪريٽري طارق جان سھتو، ڪي يو جي جي جوائنٽ سيڪريٽري سامي ميمڻ، ايم زمان جوکيو، سيد عنایت شاه، سنڌ سماجي سٿ جي غلام نبي مگسي، شمس جويو ۽ ٻين چيو ته فيض احمد فيض جي شاعري صرف ادبي محفلن تائين محدود ناهي، پر هي معاشرتي شعور، مزاحمت، انصاف ۽ مظلوم طبقن جي حقن جو آواز آهي مقررن زور ڏنو ته فيض جص فڪر اڄ به نوجوان نسل کي ظلم ۽ جبر خلاف بيهڻ، محبت، امن ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو انهن چيو ته فيض احمد فيض جي ادبي ۽ انقلابي ميراث کي زندہ رکڻ لاءِ ادبي نشستون محفلون ۽ آگاهي پروگرام باقاعدگي سان جاري رکڻ گهرجن ته جيئن نئين نسل پڻ انهن جي فڪر مان مستفيد ٿي سگهي مقررن وڌيڪ چيو ته فيض احمد فيض جي شاعري هر دور ۾ ظلم ۽ جبر خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿي ۽ انهن جي فڪر کي عام ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي