English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: صابو هيرو ڳوٺ واسي پورهيتن جو بااثرن جي مبينا ظلمن خلاف احتجاج
123 views
|
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
پنهنجي اباڻي زمين ۽ گهرن ۾ صدين کان آباد آهيون، دستاويز ۽ پراڻا ڪاغذ به موجود آهن: خدا بخش ڪلمتي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي صابو هيرو ڳوٺ واسي پورھيت خاندان طرفان بااثر ماڻهن جي مبينا ظلمن، زمين تي قبضي جي ڪوششن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن خدا بخش ڪلمتي، علي اصغر، سوڀارو ۽ ٻين چيو ته هو پنهنجي اباڻي زمين ۽ گهرن ۾ صدين کان آباد آهن، وٽن ملڪيت جا دستاويز ۽ پراڻا ڪاغذ موجود آهن، تنهن هوندي بااثر پنهون ڪلمتي، شاهنواز، رفيق ۽ ٻيا سندن ملڪيت تي قبضي لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن هنن الزام هنيو ته بااثر ڌر هٿياربند ماڻهن سان گڏجي سندن گهرن تي حملو ڪيو، عورتن ۽ بزرگن کي تشدد ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون تہ پنھنجا اباڻا اجها ڇڏي لڏي وڃو ٻئي صورت ۾ نتيجا خراب نڪرندا مظاهرين موجب جڏهن هنن مزاحمت ڪئي ته سندن خلاف بن قاسم ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا جن ۾ سندن 90 ورهين جي بيمار والده کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل انسانيت جي توهين ۽ قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي مظاھرين جو چوڻ هو ته هو پورهيت ۽ غريب ماڻهو آهن، روزانو مزدوري ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالين ٿا، پر بااثر پنھون ڪلمتي ۽ سندس پٽ ڀائرن کين ذهني ۽ مالي طور تي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهن ته جيئن هو دٻاءَ ۾ اچي پنهنجي اباڻي زمين ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃن هنن دعويٰ ڪئي ته پوليس وٽ بار بار دانهن کڻي ويا آهن پر ڪا اثرائتي ڪارروائي ناهي ٿي احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي اوڀر، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڪوڙن ڪيسن کي ختم ڪيو وڃي ۽ مبينا طور تي ملوث بااثر ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: صابو هيرو ڳوٺ واسي پورهيتن
0 تبصرے