ضلعي انتظاميه ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي سهڪار سان ضلعي سطح تي آگاھي سيمينار منعقد ڪيو ويو
نوشهرو فيروز (ڊ ر)اقوام متحده پاران 12 فيبروري کي عالمي سطح تي امن جي فروغ ۽ تشدد سميت انتهاپسندي جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه نوشهرو فيروز ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي سهڪار سان ضلعي سطح تي هڪ آگاھي سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عبدالوحيد عباسي چيو ته اچو ته گڏجي نفرت، تشدد ۽ انتهاپسندي خلاف آواز اٿاريون ۽ پنهنجي ضلعي توڙي ملڪ اندر رواداري، ڀائيچاري ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيون. هن چيو ته نوجوان نسل کي امن، محبت ۽ مثبت سوچ ڏانهن راغب ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن سماج کي شدت پسندي جهڙين براين کان محفوظ بڻائي سگهجي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد عثمان عارف، شهباز مظهر سهتو، ارباب علي اڄڻ، سجاد حسين ميمڻ، ڊاڪٽر حاڪم جوکيو، عبدالجبار تگر سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.سيمينار ۾ مختلف تعليمي ادارن جي استادن، شاگردن، اين جي اوز جي نمائندن، سرڪاري آفيسرن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده حالتن ۾ تشدد ۽ انتهاپسندي کي روڪڻ انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي ۽ اسان کي هڪ قوم طور گڏجي ان خلاف موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.هنن چيو ته سماج ۾ مرد ۽ عورت وچ ۾ عدم توازن، مذهبي تفريق، رنگ ۽ نسل جي فرق سان گڏ سماجي ناهمواريون تشدد ۽ عدم برداشت کي جنم ڏين ٿيون. انهن مسئلن جي خاتمي لاءِ تعليمي ادارن سان گڏ سماج جي هر فرد کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. مقررن زور ڏنو ته صرف علم حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي پر عمل تي پڻ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي ۽ مختلف مذهبن، ٻولين ۽ علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي برداشت ۽ احترام سان قبول ڪرڻ گهرجي.مقررن چيو ته اهڙن پروگرامن جي سخت ضرورت آهي ته جيئن شهرين ۾ برداشت، عدم تشدد ۽ انتهاپسندي خلاف شعور پيدا ڪري سگهجي. نوجوانن جي وڏي انگ ۾ شرڪت کي مثبت پهلو قرار ڏيندي هنن چيو ته اهي ئي نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ سٺي تعليم ۽ تربيت سان ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.سيمينار جي پڄاڻي تي نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن، استادن ۽ مقررن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.
0 تبصرے