ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران گرلز هاءِ اسڪول گهارو جو دورو

دوري دوران ڊي سي اسڪول جي ڪلاسن ۽ صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران گرلز هاءِ اسڪول گهارو جو دورو

ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جو گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول گهارو جو دورو ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول گهارو جو دورو ڪيو، جنهن دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورساڪرو پڻ گڏ هئا. دوري دوران ڊي سي اسڪول جي مختلف ڪلاسن ۽ صفائي سٿرائي جي صورتحال جو جائزو ورتو. هن شاگردياڻين سان ملاقات ڪري سندن تعليمي ڪارڪردگي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ استادن کي هدايتون ڏيندي چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکجن. گرلز هاءِ اسڪول جي زبور حال بلڊنگ جو پڻ جائزو ورتو ويو. پرنسپل نسرين پليجو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪول ۾ صرف 3 ڪلاسن روم موجود آهن ۽ فرسٽ يئر جو ڪلاس پڻ هلائي رهيا آهن، پر ڪلاسن جي کوٺ موجود آهي. پرنسپل وڌيڪ ٻڌايو ته ٺيڪيدار اڌ ۾ ڪم ڇڏي ويو آهي، جنهن سبب تعمير اڃا مڪمل ناهي، ۽ ٻارن لاءِ پارڪ پڻ ٺهرايو وڃي. اسڪول ۾ لائبريري پڻ موجود ناھي ـ ڊي سي ۽ اي سي انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ڏنو ۽ پرنسپل کي يقين ڏياريو ته اسڪول جي تعميرات ۽ ڪلاسن جي کوٺ جو مسئلو جلد کان جلد حل ڪيو ويندو، جيئن شاگردياڻين کي مناسب تعليمي ماحول فراهم ٿي سگهي.