English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ هائبرڊ مرچ جي فصل ۽ مختلف سبزين مان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد
4 views
|
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نجي زرعي تحقيقاتي اداري طرفان منعقد سيمينار ۾ زرعي ماهرن ۽ ترقي پسند آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
عمرڪو(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري نجي زرعي تحقيقاتي اداري طرفان زراعت جي ترقي، هائبرڊ مرچ جي فصل ۽ مختلف سبزين مان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ تربيتي ۽ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ زرعي ماهرن ۽ ترقي پسند آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تفصيل موجب نجي زرعي تحقيقاتي اداري، مشهور ۽ معروف ڪمپني ملن ايگرو سيڊ پاڪستان طرفان “زراعت نئين اُمنگ سان” جي عنوان هيٺ زراعت جي ترقي، مرچ جي فصل سميت مختلف هائبرڊ سبزين مان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ بابت مقامي هال ۾ هڪ شاندار ۽ پروقار تربيتي ۽ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو۔ سيمينار ۾ ڪمپني جي ڊائريڪٽر خالد رشيد آرائين، بزنس مينيجر ساجد جٽ، زونل مينيجر عمران بلوچ، ايريا مينيجر عطاالله چانڊيو سميت علائقي جي ترقي پسند آبادگارن فقير نواز علي سومرو، حاجي جميل خاضخيلي، سيد قربان شاهه، حاجي وارث داندل، گل حسن خاضخيلي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪمپني جي ڊائريڪٽر خالد رشيد آرائين ۽ ريسرچ اسٽيشن ڪنري جي ڊاڪٽر سليم اعجاز، ريسرچ آفيسر شاهه زيب سميت ٻين مقررن چيو ته سندن ڪمپني ڪيترن ئي سالن کان ملڪ ۾ زرعي انقلاب آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي۔ هنن چيو ته ملن ايگرو سيڊ پاڪستان ملڪ ۽ غير ملڪ جي نامور زرعي ريسرچ ڪمپنين سان سهڪار تحت جديد تحقيقاتي طريقن ذريعي بيمارين کان پاڪ هائبرڊ ٻج آبادگار ڀائرن کي فراهم ڪري رهي آهي ۽ زراعت جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي۔مقررن جو چوڻ هو ته موسمي ۽ ماحولياتي تبديليين کي منهن ڏيڻ لاءِ مؤثر قدم کڻڻا پوندا۔ هنن ٻڌايو ته ڪمپني جي تحقيق هيٺ تيار ڪيل هائبرڊ مرچ جي مختلف قسمن ـ اسڪاءِ اسٽار ٿري، اسڪاءِ اسٽار فور، روزي ايف ون، رچ اسٽار ايف ون ۽ ونڊر ڪنگ ـ جي وڏي ڪاميابي ۽ مقبوليت کان پوءِ نون قسمن تي پڻ وڌيڪ تحقيق جاري آهي۔ هنن چيو ته ڪمپني هائبرڊ مرچ جا نوان ٻج متعارف ڪرايا آهن، جيڪي ٻين ٻجن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا بهتر آهن ۽ جن جي پوک سان وڌيڪ پيداوار حاصل ٿي رهي آهي، جڏهن ته انهن ٻجن ۾ موسمي سختين کي برداشت ڪرڻ ۽ مختلف بيمارين سان مقابلو ڪرڻ جي قوتِ مدافعت به وڌيڪ آهي۔ مقررین زور ڏنو ته جيڪڏهن آبادگار مقرر وقت تي فصلن کي ڀاڻ ۽ پاڻي فراهم ڪن ۽ ماهرن جي ٻڌايل طريقن ۽ هدايتن تي عمل ڪن ته گهٽ خرچ ۽ گهٽ محنت سان مرچ جي سٺي فصل ۽ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي۔ پيداوار ۾ واڌ سان آبادگارن کي وڌيڪ منافعو پڻ حاصل ٿيندو، ۽ جيڪڏهن معيار ۽ پيداوار سٺي هوندي ته زرعي اجناس ايڪسپورٽ ڪري آبادگار پاڻ ۽ ملڪ لاءِ زرِ مبادله به حاصل ڪري سگهن ٿا۔ سيمينار دوران فصلن کي لڳندڙ مختلف موسمي بيمارين کان بچاءُ بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي ۽ آبادگارن کي پيداوار ۾ اضافي لاءِ مفيد صلاحون ڏنيون ويون۔ بوائي ۽ زمين کي فصل لاءِ تيار ڪرڻ جي طريقن تي عمل ڪرڻ ۽ نقصانن کان بچڻ لاءِ معياري ڪمپنين جا جديد تحقيق هيٺ تيار ڪيل ٻج استعمال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي۔ هنن چيو ته زراعت ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي زرعي انقلاب کان سواءِ ممڪن ناهي۔ ان موقعي تي هال ۾ مختلف هائبرڊ سبزين جا نمائشي اسٽال به لڳايا ويا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کي پروجيڪٽر ذريعي پڻ آگاهي ڏني وئي۔ سيمينار جي اختتام تي شرڪت ڪندڙ مهمانن جي اعزاز ۾ پرتڪلف عشائيي جو اهتمام ڪيو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Feb 2026
•
تازہ ترین
کم عمری کی شادی کے خلاف قانون کو چیلنج کرنے پر شرمیلا فاروقی کا فضل الرحمان کو سزا دینے کا مطالبہ
10th Feb 2026
•
سندھ
سندھ کے سرکاری گرلز کالجوں میں فوٹو گرافی پر پابندی
10th Feb 2026
•
سندھ
میڈیا اداروں کو درپیش مسائل کے حل کے لیے عملی اقدامات کر رہے ہیں: شرجیل میمن
10th Feb 2026
•
تازہ ترین
سہیل آفریدی کے ناقابلِ ضمانت گرفتاری وارنٹ جاری
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم رورل هيلٿ سينٽر ۽ بوائز ھاء اسڪول جنگشاھي جو دورو
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان زخمي
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: گڏاپ جا صدين پراڻا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم، رهواسين جو احتجاج
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشنِ حديد جا عوامي مسئلا سنگين صورتحال اختيار ڪري ويا, سول سوسائٽي تي ٻڌل سيٽيزن فورم پاران سخت ڳڻتيءَ جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۾ هائبرڊ مرچ جي فصل ۽ مختلف
0 تبصرے