عبدالوحيد عباسي ۽ محمد عثمان عارف جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان مين روڊ تائين ريلي ڪڍي وئي
نوشهروفيروز (ڊ ر) سڄي ملڪ وانگر نوشهروفيروز ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ مرڪزي پروگرام ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهروفيروز ۾ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان مين روڊ تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي قيادت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ٽو) عبدالوحيد عباسي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهروفيروز محمد عثمان عارف ڪئي. ريلي ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري توڙي خانگي ادارن جي آفيسرن، اهلڪارن، شهرين، شاگردن ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرکت ڪئي. ريلي جي شروعات کان اڳ ڪشمير يڪجهتي جي سلسلي ۾ هڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي ڪشميري عوام تي ڀارتي فوج جي ظلمن خلاف نعرا لکيل هئا.ريلي جي پڄاڻي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ويو ته هر سال 5 فيبروري تي ڪشميرسان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، هي ڏينهن ان عزم جي تجديد جو موقعو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي حق خوداراديت جي حاصلات واري جدوجهد ۾ اڻٽر حمايت جاري رکندو. هنن چيو ته والاريل ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي ۽ قديم حل طلب مسئلن مان هڪ آهي. ان تڪرار جو حل ڪشميري عوام جي امنگن ۽ خواهشن موجب ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستاني عوام ڪشمير جي آزادي تائين سندن جدوجهد ۾ شامل رهندو.
0 تبصرے