English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي
311 views
|
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ريلي جي اڳواڻي ميونسپل چيئرمين نذير احمد ڀٽو ڪئي، وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري طرفان ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي لاء سادات مسجد رزاق آباد کان ٽائون آفيس تائين هڪ ڀرپور ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو ڪئي، جڏهن ته ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ، ٽائون ميمبرن، آفيسرن، چونڊيل مڪاني ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ هئا ھو ڪشمير بڻبو پاڪستان ۽ ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جا فلڪ شگاف نعرا هڻي رھيا ھئا ريلي رزاق آباد جي مختلف رستن تان ٿيندي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي آفيس اڳيان پڄاڻي تي پهتي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ڪشميري عوام جي آزاديءَ جي جدوجهد اسان جي گڏيل جدوجهد آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون عالمي ضمير لاءِ سواليا نشان آهن، پر ان جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا اڄ به بلند آهن هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير سان ايڪي جو ڏينھن ملهائڻ جو مقصد ڪشميري عوام کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو سندن ساٿ ۾ بيٺل آهي. ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم، جبر ۽ ڀارت جي رياستي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آھي، پر سندن قربانيون رائيگان نه وينديون نذير احمد ڀٽو عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اهي پنهنجون ذميواريون نڀائيندي ڪشميري عوام کي سندن جائز حق ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻن آخر ۾ هن چيو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري مستقبل ۾ به اهڙن عوامي پروگرامن ذريعي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي رهندي ۽ هر فورم تي سندن اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
پڊعيدن جي ڳوٺ چيهي واسي نوجوان جي بازيابي لاءِ نوشھروفيروز ۾ احتجاج
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
تمر جو عالمي ڏينهن، ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن پاران ابراهيم حيدري جي ٻيٽن تي هزارين تمر جا ٻوٽا پوکيا ويا
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايجوڪيشن سٽي منصوبي بابت اهم اجلاس، قديم ڳوٺن جي تحفظ ۽ مالڪاڻي حقن تي زور
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽي جي جنرل باڊي جو اجلاس, تنظيمي معاملن بابت اهم فيصلا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري ۾ ڪشميري سان يڪجهت
0 تبصرے