ان موقعي تي سي ايم او نور محمد سمون ۽ ٻيا به موجود هئا
مورو (جاني جماڻي) مورو ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين نذير احمد ميمڻ ۽ چيف ميونسپل آفيسر مورو نور محمد سمون پاران مورو شهر ۾ هلندڙ مختلف ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو جاري تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو چيئرمين نذير احمد ميمڻ ۽ سي ايم نور محمد سمون لاڳاپيل ٺيڪيدارن ۽ ميونسپل عملي کي هدايتون ڏيندي چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو هنن چيو ته شهر جي بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائڻ ميونسپل انتظاميه جي اولين ترجيح آهي ۽ عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن چيئرمين نذير احمد ميمڻ ٻڌايو ته وزير داخلا ۽ قانون جي صوبائي وزير ضيا۽ الحسن لنجار جي ھدايتن تي شھر جي مختلف علائقن ۾ روڊن، نالين، پيور بلاڪ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جيڪي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا ويندا سي ايم نور محمد سمون چيو ته ميونسپل ڪميٽي مورو عوامي ڀلائي لاءِ سنجيده آهي ۽ شهر کي صاف سٿرو، خوبصورت ۽ ترقي يافته بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪم جي نگراني روزاني بنيادن تي ڪئي وڃي ته جيئن شڪايتن جي گنجائش نه رهي آخر ۾ علائقي جي رهواسين ميونسپل انتظاميه جي قدمن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته جاري ترقياتي ڪم جلد مڪمل ٿي شهر جي حسن ۽ سهولتن ۾ واڌارو آڻيندا ان موقعي تي صحافي جاني جماڻي، صحافي عارف يوسفزي پٺاڻ، ، ڪائونسلر خليل يوسف نول ۽ تاج محمد منگي موجود ھيا،
0 تبصرے