هڱورجا، راڻيپور، سوڀوديرو، سڳيون ۽ شاهه جي مشين پريس ڪلبن تي تقريبون منعقد
ھنڱورجا(رپورٽر)خيرپور صحافي اتحاد جي اٺين سالگرھ جون ھنڱورجا راڻيپور سوڀوديرو سڳيون ۽ شاھ جي مشين پريس ڪلبن تي منعقد ڪيون ويون سالگرھ تقريب ۾ صحافي اتحاد خيرپور کي 8 سال مڪمل ٿيڻ تي سالگرھ جا ڪيڪ ڪاٽيا ويا. 14 فيبروري تي راڻيپور ۾ ضلعي ڪنوينشن ۽ صحافي اتحاد جي سالگرھ جو جشن ملھائڻ جو اعلان.خيرپور صحافي اتحاد کي 8 سال مڪمل ٿيڻ تي پريس ڪلب ھنڱورجا. پريس ڪلب شاھ جي مشين.سٽي پريس ڪلب سڳيون.دستگير پريس ڪلب راڻيپور ۾ سالگرھ ملھائي وئي سالگرھ جي تقريبن کي صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ صدر جمال محمود کھڙو.تعلقي صدر انور ناريجو شمن راڄپر.پريس ڪلب راڻيپور جي صدر رحيم سولنگي.شاھ جي مشين پريس ڪلب جي صدر نذير سولنگي.سٽي پريس ڪلب سڳيون جي صدر فدا ڪلھوڙو.دستگير پريس ڪلب جي صدر نديم سولنگي.زاھد سامٽيو.اسرار عمراڻي.فضل منگي.عبدالجبار چانگ.ذوالفقار سھتو.ظفر صديقي.حاڪم علي سھتو . عليداد راڄپر باقر سولنگي.سجاد علي آرائين.عمران علي. عامر چنو.مدد علي سولنگي.رشيد احمد ملڪ ۽ بين خطاب ڪندي چيو آھي تہ خيرپور صحافي اتحاد ضلعي خيرپور جي صحافين جي حقيقي ۽ نمائندھ تنظيم آھي صحافين سان ھر ڏک ۽ سک جو ساٿ نڀائيندڙ آھي خيرپور صحافي اتحاد کي 8 سال مڪمل ٿي ويا آھن ھنن چيو خيرپور صحافي اتحاد پروفيشنل صحافين جي تنظيم آھن ھنن اعلان ڪيو آھي تہ صحافي اتحاد خيرپور جي اٺين سالگرھ جو جشن 14 فيبروري تي راڻيپور ۾ محبت جي عالمي ڏھاڙي تي ٿيندو ۽ ضلعي ڪنوينشن پڻ ڪوٺايو ويو آھي جنھن ۾ صحافي اتحاد جي مرڪزي چونڊ پڻ ٿيندي ھنن چيو تہ صحافين جي حقن جي حاصلات لاء جدوجھد جاري رھندي.
0 تبصرے