محمد يونس راڄپر کي صدر ۽ علي نواز سولنگي کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو
نوشهروفيروز(ڊ ر) پريس ڪلب نوشهرو فيروز جا سالياني چونڊون مڪمل، سموري باڊي بنا مقابلي ڪامياب, صدر محمد يونس راجپر ۽ جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي منتخب خبر موجب پريس ڪلب نوشهروفيروز جي سال 2026ع جون سالياني چونڊون اليڪشن چيئرمين ممتاز علي سولنگي ۽ فقير مهر علي بهڻ سربراهي ۾ ٿي گذريون۔ جنهن ۾ صدر محمد يونس راجپر، جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي, سينيئر نائب صدر مسرور چانڊيو, نائب صدر طور ڪشن راجه, ڊپٽي جنرل سيڪريٽري طور عطا حسين سمون، آفيس سيڪريٽري پٺاڻ ٻوهيو، پريس سيڪريٽري عرفان ميمڻ, لائبريري سيڪريٽري ذوالفقار علي تڳر، خزانچي محبوب علي ڪلهوڙو، ۽ آڊيٽر حميد سميع کي بنا مقابلي قرار ڏنو ويو۔ ان موقعي تي اليڪشن چيئرمين ممتاز علي سولنگي ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عبداللطيف سولنگي نئي منتخب باڊي کان حلف کڻايو ۽ کين ڪاميابيءَ تي مبارڪباد ڏني. نئي منتخب صدر محمد يونس راجپر چيو ته پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي سمورن دوستن جو شڪرگذار آهيان جن اسان دوست تي اعتماد ڪيو انشاءالله دوستن جي اعتماد تي اسان جي باڊي پورو لهندي ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو ۽ صحافين جي حقن، مسئلن جي حل ۽ صحافتي آزادي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحافين ۾ اتحاد، ڀائيچاري ۽ پيشاورانه روايتن کي هٿي ڏني ويندي. چونڊ تقريب جي پڄاڻي تي صحافين نئين چونڊيل باڊي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت پريس ڪلب ۽ صحافين جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي.
0 تبصرے