English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي درساڻي ڇني ۾ ٿي گذري
325 views
|
29th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي شاعره امرتا ڏاھري جي صدارت هيٺ ٿي. ادبي سرگرمين، تنظيمي ڪارڪردگي ۽ منصوبن تي خيالن جو اظهار
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي درساڻي ڇني جي سرسبز باغ ۾ نامياري شاعره امرتا ڏاھري جي صدارت هيٺ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ ادبي سرگرمين، تنظيمي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ منصوبن تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو صدارتي خطاب ڪندي امرتا ڏاھري چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير سڄي سنڌ ۾ هڪ سرگرم ۽ نمايان شاخ طور سڃاتي وڃي ٿي، جتي باقاعدگي سان دستوري گڏجاڻيون ۽ معياري ادبي پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي ۾ شاعرن طرفان پيش ڪيل تخليقون سماجي سجاڳيءَ جو اهم ذريعو آهن، ڇاڪاڻ تہ ليکڪ پنهنجي قلم وسيلي سماج ۾ شعور پيدا ڪن ٿاهن وڌيڪ چيو ته اصغر مهرائي ملير شاخ جو متحرڪ سيڪريٽري آهي، جنهن جي ڪوششن سبب شاخ جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي امرتا ڏاھري سال 2025 دوران شاخ جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سال 2026 ۾ به اها ڪارڪردگي برقرار رهندي.گڏجاڻي دوران سيد غفور شاھ تقوي، اصغر مھرائي، مجيب سنڌي، سڪندر سرواڻ، قمبر ٻٽ، امرتا ڏاھري، ماهم ڪورائي، امداد لاشاري، شاھ محمد شاھ، مظهر وريائي ۽ ظهير ڏاھري پنهنجي شاعري پيش ڪئي، جنهن تي کين شرڪت ڪندڙن پاران ڀرپور داد ڏنو ويو.گڏجاڻي ۾ اديب الرحمان ڪورائي، محمد جان جوکيو، اقبال احمد، رستم جوکيو، سليم اسحاق سميت ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ادب دوستن شرڪت ڪئي ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ڪاروباري ڪميٽي جو اجلاس نوجوان شاعر مجيب سنڌي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اتفاقِ راءِ سان نامياري شاعر سيد غفور شاھ تقوي جي سالگرهه جي موقعي تي رهاڻ ۽ امرتا ڏاھري سان شام ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اصغر مهرائي، قمبر ٻٽ، سيد غفور شاھ تقوي، سڪندر سرواڻ، امداد لاشاري، شاھ محمد شاھ، مجيب سنڌي ۽ امرتا ڏاھري شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري کي مبينا قتل ڪرڻ بعد نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
درساڻي ڇني ۾ ٿي گذري
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير
گڏجاڻي شاعره امرتا ڏاھري
0 تبصرے