سولنگي برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاج ڪيو ويو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب نوشهروفيروز جي اڳيان سياسي سماجي تنظيمن جي طرفان امرڪوٽ ۾ ٿيل سولنگين جي نياڻين جي امرڪوٽ پوليس پاران ڪيل تذليل ڪرڻ خلاف سخت مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ اڳواڻ وڏيرو روشن سولنگي سولنگي قومي موومينٽ جي صوبائي اڳواڻ راجا ريئس سولنگي راجا پرويز سولنگي سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ ساگر يوسف منگي مير اعجاز سولنگي عبدالجبار پنھور حامد قلندري جماعت جي فقير عرض محمد سنڌ مري اتحاد جي سڪريٽري جنرل رئيس خادم حسين مري خادم حسين سيال ۽ ٻين چيو ت ايس ايس پي امر ڪوٽ سميت انھن سڀني تي ايف آء آر داخل ڪئي وڃي جن چادر۽چوديوار جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ھنن چيوت سنڌ جي پوليس افغان پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪري انھن جي نالي افغان بستيء جا بورڊ ھڻي رھيا آھن ڀرنڊ شريف جي امجد سولنگي چيو ت اگر حڪومت سنڌ امر ڪوٽ جي سولنگين کي انصاف ن ڏيندي ت اسان پاڻ ان جو حصاب وٺنداسين
0 تبصرے