English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت بابت سيمينار، نوجوانن ۽ شهرين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت
208 views
|
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
آگاهي سيمينار ۾ نوجوانن، سياسي، سماجي ڪارڪنن، ڊجيٽل ميڊيا جي ماهرن ۽ شهرين جي شرڪت
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي ۾ نجي ويب ٽي وي طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ “موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت” جي موضوع تي آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نوجوانن، سياسي، سماجي ڪارڪنن، ڊجيٽل ميڊيا جي ماهرن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر منور علي مهيسر خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا نوجوانن لاءِ هڪ طاقتور آواز بڻجي چڪي آهي، جنهن ذريعي هو پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهن ٿا۔ هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي ڊجيٽل مهارتون ڏيڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي، جيئن هو روزگار جا نوان موقعا حاصل ڪري سگهن، پاڪستان پيپلز پارٽي ملير جي ايم پي اي راجا رزاق بلوچ چيو ته ڊجيٽل ميڊيا عوامي مسئلن کي اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته ملير سميت سنڌ جي ٻين علائقن جا مسئلا ڊجيٽل ميڊيا ذريعي وڌيڪ اثرائتي نموني سامهون اچي رهيا آهن، جيڪا مثبت تبديليءَ جي نشاني آهي دانشور راشد لکمير چيو ته ڊجيٽل ميڊيا صحافت جي دنيا ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن۔ هن زور ڏنو ته خبر ڏيڻ سان گڏ تصديق، سچائي ۽ صحافتي اخلاقن جي پابندي انتهائي ضروري آهي، ڇو ته غلط معلومات سماج لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ منان شيخ چيو ته ڊجيٽل ميڊيا سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ اهم پليٽفارم آهي۔ هن چيو ته نوجوان ڊجيٽل ميڊيا ذريعي پنهنجي ٻولي ۽ سڃاڻپ کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائي سگهن ٿا۔سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاه چيو ته ڊجيٽل ميڊيا سماجي شعور کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته سماجي مسئلن، انساني حقن ۽ عوامي ڀلائي بابت آگاهي لاءِ ڊجيٽل ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم بڻجي چڪو آهي۔نجي ٽي وي نيوز نيٽ ورڪ جي رستم لڪ چيو ته اسان جي نيوز چينل جو مقصد صرف خبرون ڏيڻ نه، پر سماج جي حقيقي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ نوجوانن کي مثبت رخ ڏيارڻ آهي۔ هن چيو ته اهڙا سيمينار مستقبل ۾ به جاري رکيا ويندا سينيئر صحافي سامي ميمڻ چيو ته ڊجيٽل ميڊيا نوجوانن لاءِ اظهارِ راءِ، سکيا ۽ روزگار جا نوان در کولي رهي آهي۔ هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو ڊجيٽل پليٽفارمز کي ذميواري سان استعمال ڪن ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔سيمينار جي آخر ۾ نجي ٽي وي طرفان زندگي جي مختلف شعبن م نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ايوارڊ ۽ مهمانن کي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا سيمينار کي پيپلزپارٽي حيدرآباد جي اڳواڻ ميڊم عشرت حسين، عرفان عباسي، آغا شير گل سرڪي ۽ ٻين خطاب ڪيو ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زھراڻي ،جيئي سنڌ محاذ جي فيض هيسباڻي، ايس يو پي جي شيراز سولنگي، شبير سوڍر، جيئي سنڌ بشير قريشي جي ڪامريڊ وهاب، سنڌي ادبي سنگت ملير جي غفور شاه تقوي، ۽ ٻين ان قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙيون آگاهي تقريبون نوجوانن جي تربيت، شعور ۽ سماجي سڌاري لاءِ انتهائي ضروري آهن، ۽ مستقبل ۾ به اهڙن سيمينارن جي سخت ضرورت آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے