محمد ارسلان سليم قومي پوليو مخالف مهم جي ٽئين ڏينهن ضلعي جي مختلف ٽرانزٽ پوائنٽس جو دورو ڪيو
نوشهروفيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل خان کوسو سان گڏ اڄ ضلعي ۾ جاري قومي پوليو مخالف مهم جي ٽئين ڏينهن ضلعي جي مختلف ٽرانزٽ پوائنٽس جو دورو ڪيو. هن پوليو مخالف مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ رند موري، الله واري چوڪ مٺياڻي بائي پاس ۽ رورل هيلٿ سينٽر مچر جي ٽرانزٽ پوائنٽس جو دورو ڪيو. هن ٽيمن کان اڄ جي ڏينھن پوليو جا ڦڙآ پياريل ٻارن جي تعداد بابت پڇيو. هن ويڪسين جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٽيمن پاران حاصل ڪيل ۽ استعمال ڪيل ويڪسين جو تعداد معلوم ڪيو. هن ٽيمن کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ محنت ڪن ۽ گاڏين ۾ سفر ڪندڙ سڀني ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ٻه ڦڙا لازمي پيارين. ان موقعي تي، موجود ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ۽ فنگر مارکنگ ڪئي.
0 تبصرے