لاڙڪاڻو، سکر ۽ دادو ضلعن لاءِ هينڊس جي انتظام هيٺ ٻن ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ

تربيت جو مقصد اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ اي ايم او عملي جي قيادت ۽ انتظامي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ هو

لاڙڪاڻو، سکر ۽ دادو ضلعن لاءِ هينڊس جي انتظام هيٺ ٻن ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ

لاڙڪاڻو (رپورٽر)EMO RFP #5 تحت، HANDS جي انتظام هيٺ، لاڙڪاڻو، سکر ۽ دادو ضلعن لاءِ عملي جي لاءِ ٻن ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو۔ هن تربيت جو مقصد اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ EMO عملي جي قيادت ۽ انتظامي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ هو۔تربيتي سيشن هوما عمران خان (پروجيڪٽ ڊائريڪٽر)، شبينا اشفاق (سينيئر ڪمپلاينس مئنيجر)، سجده خان (پروجيڪٽ مئنيجر)، ارزو (پروجيڪٽ مئنيجر) ۽ فياض ميمڻ پاران ورتا ويا۔ جڏهن ته تربيت جي سهولت آفتاب کهاوار (ضلعي ڪمپلاينس مئنيجر) ۽ ڪاشف شاهه مهيا ڪئي۔تربيت دوران اهم موضوعن ۾ EMO اسڪولن ۾ قيادت جو تصور، قيادت جا قسم، انتظامي قيادت ۽ ان جا جزا، تدريسي قيادت، تدريسي قيادت جا بنيادي عنصر ۽ ڊيسڪ بيسڊ عملي سرگرميون شامل هيون۔اختتامي ڏينهن تي ضلعي ايجوڪيشن مئنيجر انعام الهي وڳڻ تربيت جو جائزو وٺڻ لاءِ آيل سرڪاري آفيسرن کي ڀليڪار ڪيو۔ دوري تي آيل آفيسرن ۾ ڊي اي او انيس الرحمٰن جلباڻي، ڊپٽي ڊي اي او پير محمد شاهه ۽ مسعود احمد سومرو شامل هئا۔ آفيسرن ان قدم کي ساراهيو ۽ اسڪولن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قيادت جي واڌاري جي اهميت تي زور ڏنو۔ورڪشاپ جي پڄاڻي تي عملي ۾ شرڪت جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا۔ تربيت ڪاميابي سان مڪمل ٿي ۽ ان کي لاڳاپيل ضلعن ۾ مؤثر اسڪولي قيادت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فائديمند قرار ڏنو ويو۔