English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊي سي سي جو اجلاس
98 views
|
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، چيف ميونسپل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عمرڪوٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ عمرڪوٽ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي اسدالله ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪاڇيلو، انسپيڪٽر ايڪسائيز عمرڪوٽ شھمير خان، سيڪريٽري آر ٽي اي سيد شيراز علي شاھ، حساس ادارن سي ٽي ڊي، آءِ ايس آءِ، آءِ بي، ايم آءِ، اسپيشل برانچ سميت ضلع عمرڪوٽ جي سڀني لاڳاپيل کاتن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران امن امان جي مجموعي صورتحال، سرڪاري کاتن جي باهمي رابطن، انسداد منشيات، قبضا ختم ڪرڻ، صحت ۽ تعليم، بلديات کاتي، بجلي جي فراهمي، ٽريفڪ مينيجمينٽ، سماجي ڀلائي ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي سميت ٻين اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ۾ امن امان جو قيام ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح آهي، هن سڀني کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته باهمي سهڪار ۽ مربوط حڪمت عملي تحت پنهنجون ذميواريون بهتر نموني نڀائن ۽ جاري ترقياتي اسڪيمَن ۾ تيزي آندي وڃي، اجلاس ۾ گذريل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو ويو، جڏهن ته لاڳاپيل آفيسرن پنهنجي ڪارڪردگي ۽ پيش رفت بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪجهه معاملن ۾ سستي تي ناراضگي جو اظهار ڪندي فوري بهتري جون هدايتون جاري ڪيون، هن اين ايڇ اي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته راجا رستي کان عمرڪوٽ تائين روڊن تي جاري ڪم کي وڌيڪ تيز ڪري جلد مڪمل ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ بابت ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن سان صلاح مشورا جاري آهن ۽ جلد ئي اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته امن امان جي حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ واضح ڪيو ته عوامي مفاد جي منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سڀئي کاتا پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي نتيجن تي ٻڌل قدم يقيني بڻائن، اجلاس جي پڄاڻي تي مختلف معاملن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ انهن تي بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن کي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے