ڊي سي آفيس ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڊي سي منور عباس سومرو جي صدارت ۾ اجلاس
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊي سي آفيس ٺٽو ۾ اڄ پوليو مهم سلسلي ۾ ٿيل اجلاس دوران ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو، شيخ زيد تعلقه اسپتال ميرپور ساڪري جي ايم ايس ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ جي غير معمولي محنت، خلوص ۽ اداري جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي سندس کلي دل سان واکاڻ ڪئي۔ڊي سي ٺٽو اجلاس ۾ ضلعي جي آفيسرن سان سندس تعارف ڪرائيندي چيو ته ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ ٿورن ئي ڏينهن ۾ شيخ زيد اسپتال ميرپور ساڪري کي منظم طريقي سان هلايو آهي ۽ مختصر عرصي ۾ اسپتال جي ڪم ڪار، ماحول ۽ سروسز کي بهتر بڻائي هڪ نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ جون ڪاوشون هن وقت پوري ساڪري ۾ تعريف جو موضوع بڻيل آهن، ڇاڪاڻ تہ هو ڏينهن رات اسپتال جي سڌاري ۽ عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي۔ڊي سي ٺٽو ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ چيو ته:"هُن جي محنت، ايمانداري ۽ فرض شناسي قابلِ تحسين آهي، ۽ مان سندس ڪارڪردگي کي ’گڊ‘ قرار ڏيان ٿو۔ ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ ضلعي جي بهترين ۽ ذميوار آفيسرن مان هڪ آهي
0 تبصرے