ڳوٺ غلام قادر بکراڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 45 ورھين جو گل حسن بکراڻي مارجي ويو
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ڀرسان همايون شريف ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ غلام قادر بکراڻي ۾ پراڻي تڪرارتان 45 ورھين شخص گل حسن پٽ غلام قادر بکراڻي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو,قتل بعد جوابدار واقعي واري جاء تان فرار ٿي ويا,اطلاع ملڻ حد جي پوليس همايون شريف واقعي واري جاء تي پهچي قتل ٿيل مقتول جو مڙه پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو,رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او همايون شريف سڪندر چانڊيو ٻڌايو ته بکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن ۾ گل حسن بکراڻي کي قتل ڪيو ويو آھي واقعي جي جاچ هلندڙ آھي,هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي سندس جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
0 تبصرے