عمران خان جي ڀينرن ۽ ڪارڪنن تي تشدد جي مذ۾ت ڪريون ٿا: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) گڏاپ ٽائون ملير جي ڪارڪنن 9 ڊسمبر تي اڊيالہ جيل جي ٻاهر عمران خان جي ڀينرن، ڪارڪنن ۽ اسيمبلي جي ميمبرن تي ٿيل تشدد خلاف عثمانيه ريسٽورنٽ سپر هاءِ وي لڳ پرامن مظاهرو ڪيو۔مظاهرو ڪندڙ هڪ رياست، ٻه قانون نامنظور، نامنظور، اڊيالہ جي ديوارن کي هڪ ڌڪو ٻيو به ڏيو ، آزاد ڪيو، آزادڪيو عمران خان کي آزاد ڪيو"۔ جا نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪراچي جا ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عمير شاهد، جنرل سيڪريٽري گڏاپ ٽائون راشد گبول، حاجي محمد گبول، محب بلوچ، بابا ولي، سعديه بلوچ، ناصر ميمڻ، حماد بهيو، ثناء الله ڪمبوھ، وليد خان، ارشاد گبول سميت ٻين ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ موجود هئا۔ڪارڪنن پرامن انداز ۾ احتجاج ڪندي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته اڊيالہ جيل ۾ گرفتار ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ٿيل تشدد جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ فوري انصاف مهيا ڪيو وڃي۔
0 تبصرے