ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

ميڊيا سماجي رهنمائي جو سڀ کان طاقتور ذريعو آهي: ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ

ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ ضلعو عمرڪوٽ جي سمورن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان تعلق رکندڙ صحافين ۽ مختلف پريس ڪلبن جي سربراھن جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جو بنيادي مقصد پيغامِ پاڪستان جي فروغ، نوجوان نسل کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ، منفي ۽ رياست مخالف رُجحانن جي روڪٿام ۽ رياست جي استحڪام لاءِ مربوط آگاھي مهم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ھو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ملي استحڪام ۽ قومي اتفاقِ راءِ جو پيغام عام ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کي انتهائي اهم قرار ڏنو. هن چيو ته ميڊيا سماجي رهنمائي جو سڀ کان طاقتور ذريعو آهي، نوجوان نسل کي صحيح رستي ڏانهن آڻڻ ۽ مثبت سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پيغامِ پاڪستان کي اتحاد، برداشت، امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو ضامن قرار ڏيندي زور ڏنو ته ميڊيا ھن منشور کي گهر گهر تائين پھچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري. هن صحافين کي گذارش ڪئي ته هو پنهنجين رپورٽن، پروگرامن ۽ خبرن ذريعي عوامي شعور جي بيداري ۽ پرامن سماج جي تشڪيل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ نوجوانن کي راندين، تعليم، ٽيڪنالاجي، هنر مندي جي پروگرامن ۽ سماجي بهبود جي سرگرمين ۾ وڌ کان وڌ شرڪت لاءِ ترغيب ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا اهڙا قدم کڻي رهي آهي جن سان نوجوانن ۾ تخليقي سوچ ۽ مثبت طرزِ فڪر کي فروغ ملي سگهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته ميڊيا کي ڪنهن به اهڙي مواد جي نشاندهي ۾ ضلعي انتظاميا جو ساٿ ڏيڻو گهرجي جيڪو رياست مخالف، انتشار پکيڙڻ يا عوام کي گمراه ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي. اجلاس ۾ موجود سمورن صحافين کي ھدايت ڪئي وئي ته هو سوشل ميڊيا ۽ ٻين پليٽ فارمز تي پکڙجندڙ غلط معلومات جي روڪٿام لاءِ ذميوارانه ڪردار ادا ڪن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا جو مقصد ڪا پابندي لاڳو ڪرڻ نه آهي، پر اهڙو ماحول قائم ڪرڻ آهي جنهن ۾ ميڊيا حقيقتن تي ٻڌل مثبت صحافت ذريعي امن ۽ استحڪام جو پيغام عام ڪري. هن ميڊيا نمائندن کي پيشه ورانه سهڪار جي به يقين دهاني ڪرائي. ان موقعي تي سڀني پريس ڪلبن جي نمائندن ۽ صحافين اجلاس ۾ حڪومتِ سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا جي قدمن کي ساراهيندي مڪمل تعاون جي يقين دهاني ڪرائي. هنن چيو ته ميڊيا هميشه امن، ڀائپي ۽ قومي يڪجهتي جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اجلاس جو اختتام هن عزم سان ٿيو ته ضلعي انتظاميا ۽ ميڊيا گڏيل حڪمتِ عملي تحت پيغامِ پاڪستان، امن، اتحاد ۽ رياستي استحڪام جي بيانيي کي فروغ ڏيندا ۽ نوجوان نسل جي رهنمائي لاءِ مستقل آگاھي مهم هلائي ويندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صدر غلام محمد ڪنڀر، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداني، پريس ڪلب ڪنري جي صدر اعجاز مغل، نيشنل پريس ڪلب ڪنري جي جنرل سيڪريٽري انيل ڪمار مڪواٽا، سٽي پريس ڪلب سامارو جي صدر علي محمد شيدي، پريس ڪلب ڇور جي صدر پرٿوي سوڊو، پريس ڪلب ڊورونارو جي صدر عبدالستار چوپاڻ، پريس ڪلب ٽالهي جي عبدالحفيظ گشڪوري، پريس ڪلب راجارِستي جي جيوت ڀيل ۽ ٻين صحافين انور ميمن، مورو شرما سميت ٻين شرڪت ڪئي.